يشوع 22:29 - Muslim Sindhi Bible29 خدا ائين نہ ڪري جو اسين خداوند کان باغي ٿيون ۽ کانئس منهن موڙيون جو اسين خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربانگاهہ سندس مقدس خيمي جي اڳيان آهي، تنهن کي ڇڏي ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قرباني ۽ ٻين قربانين لاءِ ڪا ٻي قربانگاهہ ٺاهيون.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 خدا شل ائين نہ ڪري تہ اسين خداوند کان باغي ٿيون، ۽ اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦرون، ۽ خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربانگاهہ سندس تنبوءَ جي اڳيان آهي، تنهن کان سواءِ سوختني قربانيءَ لاءِ، يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ ٻي قربانگاهہ ٺاهيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادتگاهون ۽ قربانگاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربانگاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘
پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.
سو اسان سوچيو تہ جيڪڏهن اُهي اسان جي اولاد کي ڪڏهن ائين چون تہ اسان جو اولاد کين جواب ڏيئي سگھي تہ ’اِجھو، خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو جيڪو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو هو. اِها قربانگاهہ ساڙڻ واري قرباني يا ذبح ڪرڻ واري قربانيءَ لاءِ نہ، پر اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهڻ لاءِ تعمير ڪئي ويئي هئي.‘