يشوع 22:28 - Muslim Sindhi Bible28 سو اسان سوچيو تہ جيڪڏهن اُهي اسان جي اولاد کي ڪڏهن ائين چون تہ اسان جو اولاد کين جواب ڏيئي سگھي تہ ’اِجھو، خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو جيڪو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو هو. اِها قربانگاهہ ساڙڻ واري قرباني يا ذبح ڪرڻ واري قربانيءَ لاءِ نہ، پر اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهڻ لاءِ تعمير ڪئي ويئي هئي.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible28 تنهنڪري اسان چيو تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن ايندڙ وقت ۾ هو اسان کي، يا اسانجين پوين پيڙهين کي ائين چون، تہ اسين بہ چئون تہ اِجهو خداوند جي قربانگاهہ جو نمونو ڏسو، جو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو، نہ سوختني قرباني يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ؛ پر انهيءَ لاءِ تہ اُها اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
بلڪ انهيءَ لاءِ ٺاهي اٿئون تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ اسان کان پوءِ اسان جي پيڙهين ۽ اوهان جي پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي، تہ اسين خداوند جي مقدس خيمي ۾ پنهنجن ساڙڻ وارين قربانين، ذبح ڪرڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين سان سندس عبادت ڪندا رهون. پوءِ اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چئي نہ سگھندو تہ ’خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.‘