Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:27 - Muslim Sindhi Bible

27 بلڪ انهيءَ لاءِ ٺاهي اٿئون تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ اسان کان پوءِ اسان جي پيڙهين ۽ اوهان جي پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي، تہ اسين خداوند جي مقدس خيمي ۾ پنهنجن ساڙڻ وارين قربانين، ذبح ڪرڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين سان سندس عبادت ڪندا رهون. پوءِ اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چئي نہ سگھندو تہ ’خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پر انهي لاءِ تہ اها اسان ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ اسان کان پوءِ اسانجين پيڙهين جي وچ ۾ شاهد هجي؛ جنهنڪري اسين خداوند جي اڳيان پنهنجين سوختني قربانين سان، ۽ پنهنجين ذبح وارين قربانين سان، ۽ پنهنجين سلامتيءَ جي قربانين سان سندن بندگي ڪندا رهون؛ متان اوهان جو اولاد ايندڙ وقت ۾ اسان جي اولاد کي ائين چوي، تہ خداوند ۾ اوهان جو ڪوبہ حصو ڪونهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

لابن چيو تہ ”اڄ هي ڍڳ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“ انهيءَ ڪري ئي انهيءَ جو نالو جِلعاد رکيو ويو.


هيءُ ڍڳ ۽ کوڙيل پٿر ٻيئي هن ڳالهہ جا شاهد آهن تہ نہ آءٌ نقصان رسائڻ جي خيال سان هي ڍڳ اورانگھي تو ڏانهن ايندس ۽ نہ تون هي ڍڳ ۽ کوڙيل پٿر اورانگھي مون ڏانهن ايندين.


اي خداوند! تون ئي منهنجي ميراث ۽ منهنجو نصيب آهين. منهنجي مستقبل جو تون ئي نگهبان آهين.


انهن ڏينهن ۾ مصر ملڪ جي وچ ۾ خداوند جي هڪڙي قربان‌گاهہ قائم ڪئي ويندي ۽ ملڪ جي سرحد تي ٿنڀي جيان خداوند جي نالي جو هڪڙو نشان کڙو ڪيو ويندو.


پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.


جڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جو اڌ قبيلو ڪنعان جي ئي ملڪ ۾ اردن درياءَ جي ويجھو جليلوت وٽ پهتا تڏهن انهن اتي ئي هڪڙي شاندار قربان‌گاهہ ٺاهي.


اهو ئي سبب آهي جو اسان اها قربان‌گاهہ ٺاهي آهي، نہ انهيءَ لاءِ تہ ساڙڻ واريون ۽ ٻيون قربانيون ڪريون.


سو اسان سوچيو تہ جيڪڏهن اُهي اسان جي اولاد کي ڪڏهن ائين چون تہ اسان جو اولاد کين جواب ڏيئي سگھي تہ ’اِجھو، خداوند جي قربان‌گاهہ جو نمونو ڏسو جيڪو اسان جي ابن ڏاڏن ٺاهيو هو. اِها قربان‌گاهہ ساڙڻ واري قرباني يا ذبح ڪرڻ واري قربانيءَ لاءِ نہ، پر اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد رهڻ لاءِ تعمير ڪئي ويئي هئي.‘


بني روبن ۽ بني جد قربان‌گاهہ تي نالو رکيو تہ ”هي اسان سڀني جي وچ ۾ شاهد آهي تہ خداوند ئي خدا آهي.“


پوءِ سڀني ماڻهن کي چيائين تہ ”هي پٿر اسان جو شاهد آهي. جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن سي سڀ هن ٻڌيون آهن. اهو اوهان تي شاهد ٿيندو، جيڪڏهن اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿيندءُ.“


پوءِ سموئيل هڪڙو پٿر کڻي مصفاہ ۽ شين نالي ٽڪريءَ جي وچ ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ جو نالو عبن‌عزر رکيائين ۽ چيائين تہ ”هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ