Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 22:20 - Muslim Sindhi Bible

20 جڏهن زارح جي گھراڻي مان عڪن خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ وارين شين جي باري ۾ نافرماني ڪئي هئي، تہ ڇا بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم تي غضب نازل نہ ٿيو هو؟ رڳو عڪن ئي پنهنجي گناهہ جي ڪري تہ ناس نہ ٿيو هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 زارح جي پٽ عڪن وقف ڪيل شيءِ جي نسبت ۾ گناهہ ڪيو هو، جنهنڪري اسرائيل جي ساري جماعت تي غضب نازل نہ ٿيو ڇا؟ ۽ اُهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي ڪري اڪيلو ناس نہ ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 22:20
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ماڻهن هيڪل ۾ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. تڏهن انهيءَ گناهہ ڪرڻ جي ڪري يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ تي غضب نازل ٿيو.


نہ، تنهنجي شرارت رڳو تو جهڙي انسان کي ئي نقصان پهچائي سگھي ٿي، هائو، تنهنجي سچائي رڳو ڪنهن آدمزاد کي ئي فائدو پهچائي سگھي ٿي.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙجو، نڪي خاص پوشاڪ ڦاڙجو، متان اوهين مري وڃو ۽ متان پوريءَ قوم تي خداوند جو غضب نازل ٿئي. پر بني اسرائيل مان اوهان جا ٻيا ماڻهو ڀلي انهن جي لاءِ سوڳ ملهائين جن کي خداوند ساڙيو آهي.


هي واقعا اسان جي لاءِ سبق بڻيا تہ جيئن اسين ڪابہ بري نموني واري خواهش نہ ڪريون، جهڙيءَ طرح انهن ٿي ڪئي.


تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارن باقي بني اسرائيل جي گھراڻن جي وڏن کي ورندي ڏني تہ


بني اسرائيل مخصوص ڪيل شين ۾ خيانت ڪئي. هائو، يهوداہ جي قبيلي مان عڪن نالي هڪ شخص، جيڪو ڪرميءَ جو پٽ، زبديءَ جو پوٽو ۽ جيڪو زارح جي گھراڻي مان هو، تنهن مخصوص شين مان ڪا شيءِ کنئي. انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.


هن زبديءَ جي ڪٽنب کي ماڻهو ماڻهو ڪري اڳتي آندو تہ ڪرميءَ جو پٽ، زبديءَ جو پوٽو ۽ زارح جي گھراڻي مان عڪن، جيڪو يهوداہ قبيلي جو هو سو ڪڍي ڌار ڪيو ويو.


پوءِ يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن زارح جي گھراڻي واري عڪن کي کڻي سوگھو ڪيو ۽ اها چاندي، پوشاڪ، سوني سر، عڪن جا پٽ، ڌيئر، ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون، سندس تنبو ۽ ٻيو جيڪي بہ وٽس هو سو هٿ ڪيو ۽ انهن کي هڪ ماٿريءَ ۾ آندائون.


۽ منجھائن اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌائون. هنن شهر جي دروازي کان وٺي پٿرن جي کاڻين تائين انهن جو پيڇو ڪيو ۽ لاهيءَ تائين کين ماريندا آيا. پوءِ تہ بني اسرائيل جو ساهہ ئي سڪي ويو.


ساڳئي نموني خدا سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايندڙ زمانن جي بي‌دينن لاءِ عبرت جو هڪ مثال ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ