Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 21:38 - Muslim Sindhi Bible

38 جد قبيلي مان کين هي چار شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت جِلعاد علائقي ۾ مليا: رامات، جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، محنايم،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 ۽ جد جي فرقي مان جلعاد ۾، رامہ، ٻهراڙيءَ سميت، جو خونيءَ جي پناهہ جو شهر هو، ۽ محنايم، ٻهراڙيءَ سميت؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 21:38
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ ”هي خدا جو لشڪرگاهہ آهي.“ سو انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.


جنهن وقت دائود محنايم شهر ۾ وڃي پهتو، تنهن وقت ابي‌سلوم ۽ بني اسرائيل جا جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، سي اردن درياءُ ٽپي پار ٿيا.


برزلي اسي سالن جي عمر جو تمام پوڙهو ماڻهو هو. جيئن تہ هو تمام دولتمند ماڻهو هو، سو جڏهن بادشاهہ محنايم شهر ۾ رهيل هو تڏهن هن بادشاهہ کي کاڌخوراڪ پهچائي هئي.


هوڏانهن سائول جو سپهہ‌سالار ابنير ولد نير سائول جي پٽ اشبوست کي ساڻ ڪري ڀڄي وڃي اردن درياءَ جي اوڀر واري شهر محنايم ۾ آيو.


اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب يهوسفط جي روبرو پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ جِلعاد علائقي جو رامات شهر اسان جو آهي؟ پر انهيءَ هوندي بہ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي قبضي مان نہ ٿا ڇڏايون.“


بن‌جبر: جِلعاد واري رامات شهر مٿان ۽ جِلعاد جي انهن ڳوٺن مٿان جيڪي منسيءَ جي اولاد مان يائير جي نسل جا آهن ۽ بسن واري ارجُوب علائقي مٿان، جتي جملي سٺ شهر ڪوٽن سان آهن، جن جي ٻاهرين دروازن تي پتل جا گز لڳل آهن.


عدو جو پٽ اخينداب: محنايم شهر مٿان.


اهي شهر هي هئا: بني روبن جي لاءِ بصر شهر جيڪو بيابان جي وچ ۾ اوچي ميدان ۾ آهي، بني جد جي لاءِ رامات شهر جيڪو جِلعاد ۾ آهي ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان شهر جيڪو بسن ۾ آهي.


حشبون کان رامت المصفاہ ۽ بطونيم تائين ۽ محنايم کان دبير جي علائقي تائين،


اهو علائقو محنايم کان وٺي شروع ٿيو. انهيءَ ۾ سڄو بسن، بسن جي بادشاهہ عوج جي سڄي بادشاهت ۽ يائير جا سڀيئي سٺ شهر جيڪي بسن ۾ آهن، سي شامل هئا.


اردن درياءَ جي اوڀر طرف يريحو شهر جي اوڀر واري بياباني ميدان ۾ روبن جي علائقي ۾ بصر شهر، جد قبيلي واري علائقي جِلعاد ۾ رامہ شهر، منسيءَ قبيلي واري علائقي بسن ۾ جولان شهر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ