Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 20:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اردن درياءَ جي اوڀر طرف يريحو شهر جي اوڀر واري بياباني ميدان ۾ روبن جي علائقي ۾ بصر شهر، جد قبيلي واري علائقي جِلعاد ۾ رامہ شهر، منسيءَ قبيلي واري علائقي بسن ۾ جولان شهر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن يريحو وٽ، روبن جي فرقي واري ميدان ۾، بيابان منجهہ، بصر؛ ۽ جد جي فرقي واري جلعاد ۾، رامہ؛ ۽ منسي جي فرقي واري بسن ۾، جولان مقرر ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 20:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اخي‌اب چار سؤ نبي سڏائيندڙن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”آءٌ رامات شهر تي ڪاهہ ڪريان يا نہ؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڀلي وڃو، ڌڻي توهان کي فتح ڏيندو.“


هو يورام ولد اخي‌اب سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ جِلعاد جي علائقي ۾ رامات شهر ڏانهن ويو، جتي يورام جنگ ۾ زخمي ٿي پيو.


يريحو شهر جي ڏکڻ طرف اردن درياءَ جي اوڀر طرف روبن قبيلي جا يهصہ،


اهي شهر هي هئا: بني روبن جي لاءِ بصر شهر جيڪو بيابان جي وچ ۾ اوچي ميدان ۾ آهي، بني جد جي لاءِ رامات شهر جيڪو جِلعاد ۾ آهي ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان شهر جيڪو بسن ۾ آهي.


سو هنن اردن درياءَ جي اولهہ طرف هي پناهہ جا شهر مقرر ڪيا: نفتاليءَ واري جابلو علائقي جي گليل واري حصي ۾ قادس شهر، افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر، يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريت‌اربع يعني حبرون شهر.


هي آهن اُهي پناهہ جا شهر، جيڪي بني اسرائيل ۽ منجھن رهندڙ ڌارين لاءِ مقرر ڪيا ويا. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي اتفاق سان ماري وجھي سو اوڏانهن ڀڄي وڃي خون جي بدلي وٺڻ واري کان پناهہ ۾ رهي ۽ تيستائين کيس نہ ماريو وڃي، جيستائين سندس کُلي عدالت نہ ٿئي.


لاوي قبيلي جي بني جيرشون گھراڻن کي اوڀر واري منسيءَ جي اڌ قبيلي مان هي ٻہ شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت مليا: بسن جي علائقي ۾ جولان جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو ۽ بعستراہ.


روبن قبيلي مان کين هي چار شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت مليا: بصر، يهصہ،


جد قبيلي مان کين هي چار شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت جِلعاد علائقي ۾ مليا: رامات، جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، محنايم،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ