Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 2:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تنهن لاءِ تو کي هي ڪرڻو آهي جو جڏهن اسين هن ملڪ ۾ داخل ٿيون، تڏهن جنهن دريءَ مان تون اسان کي هيٺ لاهين ٿي، تنهن ۾ تون هيءَ لال ڳاڙهي رنگ جي ڏوري ٻڌي ڇڏجانءِ ۽ تون پنهنجي پيءُ، ماءُ، ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي کي پنهنجي گھر ۾ آڻي گڏ ڪجانءِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڏسج، تہ جڏهن اسين هن ملڪ ۾ اچون تڏهن جنهن دريءَ مان تو اسان کي هيٺ لاٿو آهي تنهن ۾ تون هيءُ کهنبي سٽ جو ڌاڳو ٻڌي ڇڏج: ۽ پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ماءُ، ۽ پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي کي پنهنجي گهر ۾ آڻي گڏ ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 2:18
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي برڪت ڏيندس ۽ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. آءٌ تنهنجو نالو روشن ڪندس ۽ تو کي ٻين لاءِ برڪت جو سبب بڻائيندس.


خداوند نوح کي چيو تہ ”تون پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهہ. مون ڏٺو آهي تہ سڄيءَ دنيا ۾ تون ئي هڪڙو آهين جيڪو سچار آهين.


انهيءَ سبب جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي سا آءٌ ڪيئن پنهنجي اکين سان ڏسي سگھنديس! جيڪا تباهي وَ بربادي منهنجي مائٽن جي ٿيندي سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگھنديس!“


جن گھرن ۾ بني اسرائيل وارا رهن ٿا، تن جي دروازن تي لڳل اهو رت هڪڙو نشان هوندو. آءٌ اهو رت ڏسي کين ڇڏي لنگھي ويندس. جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن ڪابہ آفت بني اسرائيل کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿن نہ ايندي.


تنهنجا چپ ڳاڙهي ربن جهڙا آهن. جڏهن تون ڳالهائين ٿي، تڏهن اهي ڪيڏا نہ وڻندڙ ٿا لڳن. تنهنجا ڳل تنهنجي نقاب جي پٺيان، ڏاڙهونءَ جي ٻن اڌن وانگر آهن.


تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ ٻہ جيئرا حلال پکي، چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ۽ زوفا جي ٽاري آندي وڃي.


ڪاهن چندن جي ڪاٺي، زوفا جي ٽاري ۽ لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو کڻي انهيءَ سڙندڙ گابيءَ جي وچ تي اڇلائي.


هو انهن سڀني شين جي مٿان لال ڳاڙهي رنگ جو ڪپڙو وجھن. پوءِ ان کي ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪي ڇڏين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”اڄ هن گھر ۾ ڇوٽڪارو آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون بہ ابراهيم جو اولاد آهين.


پطرس ڪُرنيليس سان ڳالهيون ڪندو اندر ويو ۽ ڏٺائين تہ ڪيترائي ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن.


تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي مهرباني آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“


هو تو کي اهي ڳالهيون ٻڌائيندو جن جي وسيلي تو کي ۽ تنهنجي سڄي ڪٽنب کي ڇوٽڪارو ملندو.‘


خداوند عيسيٰ شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترائي ڀيرا قيد ۾ منهنجي سار سنڀال ڪئي ۽ منهنجي قيدي هئڻ سبب ڪا شرمساري محسوس نہ ڪيائين.


هائو، جڏهن موسيٰ شريعت جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي


راحب انهن جي اها ڳالهہ مڃي. پوءِ جڏهن راحب انهن کي روانو ڪيو تنهن کان پوءِ هن اها لال ڳاڙهي رنگ جي ڏوري دريءَ ۾ ٻڌي ڇڏي.


سو اُهي جوان ماڻهو جن جاسوسي ڪئي هئي سي اندر ويا ۽ راحب کي سندس پيءُ، ماءُ، ڀائرن کي ۽ جيڪي وٽس رهيل هئا، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍي آيا. هنن انهيءَ جا سڀ مٽ مائٽ آڻي بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ جي ٻاهر ويهاريا.


پر يشوع راحب ڪسبياڻيءَ، انهيءَ جي پيءُ جي گھراڻي ۽ جيڪي مٽ مائٽ وٽس هئا تن سڀني کي جيئرو ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ماڻهو يشوع يريحو شهر جي جاسوسيءَ لاءِ موڪليا هئا تن کي هن پاڻ وٽ لڪايو هو. انهيءَ راحب ڪسبياڻيءَ جو نسل اڄ ڏينهن تائين بني اسرائيل ۾ رهندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ