يشوع 2:11 - Muslim Sindhi Bible11 جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جو ساهہ ئي سڪي ويو ۽ اوهان جي سببان اسان مان هر ڪو همت هاري ويٺو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا ئي مٿي آسمان جو ۽ هيٺ زمين جو خدا آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 ۽ جنهن وقت اسان اهي ڳالهيون ٻڌيون تنهن وقت اسان جون دليون پگهرجي ويون، ۽ اوهان جي ڊپ کان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ وڌيڪ همت ڪانہ رهي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان جو خدا مٿي آسمان جو، ۽ هيٺ زمين جو، خدا آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.
هنن يشوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان توهان جن ٻانهن کي پڪيءَ طرح اِها خبر پيئي هئي تہ خداوند توهان جي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ هو اوهان کي هي سڄو ملڪ ڏيندو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي اوهان جي اڳيان ماري ڇڏيندو. سو اسان کي اوهان کان پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، انهيءَ ڪري ئي اسان ائين ڪيو.