سو هنن اردن درياءَ جي اولهہ طرف هي پناهہ جا شهر مقرر ڪيا: نفتاليءَ واري جابلو علائقي جي گليل واري حصي ۾ قادس شهر، افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر، يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريتاربع يعني حبرون شهر.
هڪڙي ڏينهن هن برق ولد ابينوعم کي نفتالي قبيلي واري علائقي جي قادس شهر مان گھرائي کيس چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا تو کي اهو حڪم ڏئي ٿو تہ ’تون نفتالي ۽ زبولون قبيلن منجھان ڏهہ هزار ماڻهو پاڻ سان وٺي تبور جبل ڏانهن وڃ.