Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هر هڪ قبيلي مان ٽي ٽي ماڻهو چونڊي ڏيو. آءٌ انهن کي موڪليندس تہ وڃي پنهنجي ورثي کي مدنظر رکي ملڪ جو جائزو وٺن، انهيءَ جو بيان لکن ۽ پوءِ مون وٽ واپس اچن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 اوهين پنهنجي هرهڪ فرقي مان ٽي ٽي ماڻهو چونڊيو: ۽ آءٌ انهن کي موڪليندس ۽ اُهي انهيءَ ملڪ مان لنگهندا، ۽ پنهنجي ورثي موجب انهيءَ جو بيان لکي پوءِ مون وٽ ايندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:4
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن خداوند جو پنهنجيءَ قوم کي سندن ملڪيت موٽائي ڏيڻ جو وقت ايندو، تڏهن انهن اميرن مان ڪنهن کي بہ حصو نہ ملندو.


هر هڪ قبيلي مان هڪڙو هڪڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي اباڻي گھراڻي جو وڏو هجي، سو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪري.“


”تون ڪي ماڻهو موڪلي ڪنعان جي ملڪ جو حال احوال معلوم ڪر، جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان. انهيءَ ڪم لاءِ ٻارهن ئي قبيلن مان هڪ هڪ اڳواڻ موڪل.“


سو يشوع انهن کي چيو تہ ”جيڪا زمين خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيستائين ترسيا ويٺا هوندا.


زمين ستن حصن ۾ ورهائي ويندي، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جو قبيلو پنهنجي سرحد اندر ڏکڻ ۾ رهندو ۽ يوسف جا گھراڻا پنهنجي سرحد اندر اتر ۾ رهندا.


اوهين انهن ستن حصن جو بيان لکي مون وٽ کڻي اچو تہ پوءِ آءٌ خداوند اسان جي خدا جي آڏو اوهان جي لاءِ ڪُڻان وجھان.


سو اُهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ بچيل سڄو ملڪ گھمي ڏٺائون. انهن انهيءَ جو بيان ستن حصن ۾ شهر شهر ڪري لکيو ۽ پوءِ يشوع وٽ سيلا واري خيمي‌گاهہ ۾ موٽي آيا.


سو هاڻ اوهين بني اسرائيل جي قبيلن مان ٻارهن ڄڻا چونڊيو، هر هڪ قبيلي مان هڪڙو ڄڻو.


”مردن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي ڪڍ، يعني هر هڪ قبيلي مان هڪڙو ڄڻو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ