Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:28 - Muslim Sindhi Bible

28 ضلع، الف ۽ يبوسين يعني يروشلم، جِبعت ۽ قريت‌يعريم، ڪل چوڏهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت. بنيامين قبيلي جي سندن گھراڻن موجب اها ئي ميراث هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ ضلع، الف، ۽ يبوسين جو شهر (جو يروشلم آهي)، ۽ جبعٿ، ۽ قريٿ؛ چوڏهن شهر ڳوٺن سميت. اها آهي بني بنيمين جي ميراث سندن قبيلن موجب.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:28
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بنيامين جي علائقي جي ضيلع شهر ۾ سائول جي پيءُ قيس جي قبرستان ۾، سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا دفن ڪيا ويا. سو بادشاهہ جيڪو بہ حڪم ڪيو سو سڀ بجا آندو ويو. تنهن کان پوءِ خدا بني اسرائيل وارن جي پنهنجي ملڪ جي باري ۾ دعا ٻڌي.


حلب ولد بعنہ نطوفاتي، اِتي ولد ريبي جيڪو بنيامين جي علائقي جِبعت جو هو،


پوءِ دائود بادشاهہ پنهنجي ماڻهن سميت يروشلم جي قبضي ڪرڻ لاءِ يبوسين ڏانهن چڙهائي ڪري ويو، جيڪي اتي رهندا هئا. هنن دائود کي چيو تہ ”تون هتي اندر اچي ڪين سگھندين، هتان جا تہ انڌا ۽ منڊا ئي تو کي داخل ٿيڻ ڪونہ ڏيندا.“ هنن سمجھيو ٿي تہ دائود اتي اچي ڪين سگھندو.


دائود انهيءَ ڏينهن چيو تہ ”جيڪو بہ يبوسين کي مارڻ وڃي سو ڀلي تہ هيٺان نهر جي رستي چڙهي اندر وڃي انهن انڌن ۽ منڊن کي ماري، جيڪي منهنجي جان جا دشمن آهن.“ انهيءَ سبب اها چوڻي مشهور ٿي تہ ”انڌا ۽ منڊا گھر ۾ اچي ڪين سگھندا.“


پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪٽنبن مطابق اهي پنهنجي پنهنجي پيڙهين جا وڏا ۽ مکيہ ماڻهو هئا، جيڪي يروشلم ۾ رهندا هئا.


هو لنگھہ کان گذري ويا آهن، ۽ جِبع شهر ۾ رات رهي پيا آهن. رامہ جا رهاڪو خوف وچان ڏڪي رهيا آهن، بادشاهہ سائول جي شهر جِبعت جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن.


اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو، يروشلم مان ڀڄي جان بچايو. تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو. بيت‌هڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو. انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت، بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جِبعت جي واقعي واري ڏينهن کان وٺي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آيا آهن. هو اڃا تائين انهن گناهن کان باز نہ آيا آهن، تنهنڪري جِبعت ۾ ئي انهن سان جنگ ڪئي ويندي.


بنيامين جي قبيلي مان بلع جو نسل، اشبيل جو نسل، احيرام جو نسل،


جنهن قبيلي ۾ گھڻا ماڻهو هجن تنهن کي گھڻو حصو ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن تنهن کي ٿورو حصو ڏنو وڃي. مطلب تہ هر هڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب حصو ڏنو وڃي.


اوهين اهو ملڪ پُکا وجھي پنهنجن اباڻن قبيلن موجب ورهائي کڻجو. گھڻن کي گھڻو ورثو ڏجو ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو. جنهن ماڻهوءَ جي نالي جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهيءَ کي ڏجو.


پر بني يهوداہ يروشلم جي رهاڪن يعني يبوسين کي سندن شهر مان ڪڍي نہ سگھيا. انهيءَ ڪري يبوسي اڄ ڏينهن تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.


پوءِ اُها سرحد هنوم ماٿريءَ وچان هلي ڏکڻ پاسي جبل جي لاهيءَ وٽان جتي يبوسين جو شهر يروشلم آهي، رفائين واديءَ جي اترئين ڇيڙي تي هنوم ماٿريءَ جي سامهون اولهہ طرف بيٺل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويئي.


اها سرحد اتان لهي انهيءَ جبل جي تري تائين آئي جيڪو هنوم ماٿريءَ جي سامهون ۽ رفائين جي ماٿريءَ جي اترئين پاسي ۾ آهي. پوءِ اُتان لهي هنوم جي ماٿريءَ وچان ويئي جا ڏکڻ طرف واري يبوسين جي شهر جي لاهيءَ وٽ آهي ۽ اتان وري لهي عين‌راجل چشمي ڏانهن ويئي.


ٻيو ڪُڻو بني شمعون جي قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ٿيو. سندن ورثو بني يهوداہ جي علائقي جي وچ ۾ هو.


بني بنيامين يروشلم مان يبوسين کي نہ ڪڍيو. سو يبوسي اڄ ڏينهن تائين يروشلم ۾ بني بنيامين سان گڏ رهندا اچن.


پر هو اها رات اتي رهڻ تي راضي نہ ٿيو، سو هو اٿيو ۽ يبوس يعني يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. هن سان گڏ زين پيل ٻہ گڏهہ ۽ سندس سريت هئي.


سائول بہ جِبعت شهر ڏانهن پنهنجي گھر هليو ويو. اهي بهادر ماڻهو بہ ساڻس گڏ هليا جن جي دلين ۾ خدا جذبو وڌو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ