Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 18:19 - Muslim Sindhi Bible

19 جتي اُها بيت‌حجلہ جي اترينءَ لاهيءَ کان ٿيندي کاري سمنڊ جي اترئين ڇيڙي تائين آئي جتي اردن درياءُ ڇوڙ ڪري ٿو. اها ڏاکڻي سرحد هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 پوءِ اُها سرحد بيٿ حجلہ جو پاسو ڏيئي لنگهي اُتر ڏانهن ويئي: انهيءَ سرحد جي پڇاڙي کاري سمنڊ جي اُتر واري شاخ تي وڃي بيٺي، جو يردن جي ڏکڻ واري ڇيڙي وٽ آهي: اها هئي ڏکڻ واري سرحد.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 18:19
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن پنجن بادشاهن هڪ اتحاد ٺاهيو ۽ انهن جون فوجون سديم جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيون، جيڪا اڄڪلهہ کاري سمنڊ ۾ اچي ويئي آهي.


هن انهن شهرن ۽ سڄي ميدان کي، انهن سڀني ماڻهن سميت، جيڪي اتي جا رهاڪو هئا ۽ جيڪي ڪجھہ اتي زمين تي اڀريو هو تنهن سميت برباد ڪري ڇڏيو.


خداوند مصر واري ڳاڙهي سمنڊ کي سڪائي خشڪ ڪري ڇڏيندو، ۽ پنهنجي ساڙيندڙ واءُ سان فرات نديءَ تي اُلر ڪندو، ۽ انهيءَ کي ستن ننڍڙين واهين ۾ ورهائي ڇڏيندو، جن مان ماڻهو جتيءَ سان پار لنگھي سگھندا.


اوهان جو ڏکڻ وارو حصو صين جي بيابان تان ٿيندو، جيڪو ادوم جي سرحد تي آهي. انهيءَ حصي جي سرحد جو اوڀر وارو پاسو کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿيندو.


انهن ٻنهي علائقن جي اولهہ طرف سرحد اردن درياءُ آهي، يعني گليل ڍنڍ کان وٺي کاري سمنڊ تائين، جتي سمنڊ جي اوڀر ۾ پسگاہ جبل جون لاهيون پکڙيل آهن، سو سڀ پڻ مون انهن کي ڏنو.


هن جي بادشاهي اردن درياءَ جي اوڀر واري ميدان تي پڻ هئي، يعني گليل ڍنڍ کان کاري سمنڊ تائين بيت‌يسيموت ڏانهن ويندڙ رستي تي ۽ ڏکڻ ۾ وري پسگہ جي لاهيءَ جي هيٺ تائين.


سندن ڏاکڻي سرحد کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿي،


پوءِ اها لنگھندي اترينءَ لاهيءَ کان اردن درياءَ جي ماٿريءَ کي تڪيندي منجھس لهي ويئي،


انهيءَ حصي جي اوڀر واري سرحد اردن درياءُ هئي. بنيامين جي گھراڻن جي ميراث جون چئني پاسن کان حدون اهي ئي هيون.


تيئن ئي مٿان ايندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو. گھڻو پري ادم شهر وٽ، جيڪو ضرتان جي ڀرسان آهي، پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي مٿي چڙهڻ لڳو، جڏهن تہ آرباہ جي سمنڊ يعني کاري سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻي ڇڄي ڌار ٿي پيو. عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي ايتري تائين ڄمي بيهي رهيا جيتري تائين سڄي قوم اردن درياءَ منجھان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار نہ ٿي. سو بني اسرائيل يريحو شهر جي سامهون لنگھي پار ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ