Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 15:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ اها سرحد عڪور جي ماٿريءَ مان ٿيندي دبير تائين ويئي، جتان وري اتر طرف جِلجال ڏانهن ڦري جيڪو ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون واري برساتي نهر جي ڏکڻ پاسي آهي. پوءِ اتان لنگھي عين‌شمس جي چشمن وٽان ٿيندي عين‌راجل تائين وڃي پهتي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تنهن کان پوءِ اُها سرحد عڪور جي واديءَ مان نڪري دبير ڏانهن چڙهي ويئي، جتان وري اُتر ڏي جلجال جي رخ تي هلي، يعني ادميم جي چاڙهيءَ جي سامهون، جا نديءَ جي ڏکڻ پاسي آهي: پوءِ اُها سرحد لنگهي عين شمس جي پاڻيءَ ڏي ويئي، جو عين راجل وٽ وڃي ٿو نڪري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 15:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابي‌ياتر جو پٽ يونتن ۽ صدوق جو پٽ اخيمعض، ٻئي يروشلم جي ٻاهران عين‌راجل چشمي وٽ رهيا پيا هوندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جيئن ڪو کين شهر ۾ ايندو نہ ڏسي. هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي ۽ هو وڃي اها دائود بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا.


ادونياہ عين‌راجل جي چشمي جي ڀرسان زحلت پٿر وٽ رڍون، ڏاند ۽ متارا وهڙا قربان ڪيا. هن بادشاهہ جي ٻين پٽن يعني پنهنجي ڀائرن ۽ بني يهوداہ جي انهن سڀني ماڻهو جي دعوت ڪئي جيڪي بادشاهہ جا عملدار هئا.


منهنجي قوم مان جيڪي منهنجي عبادت ٿا ڪن، تن جي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن لاءِ اولهہ ۾ شارون جو ميدان، ۽ اوڀر ۾ عڪور جي وادي چراگاهہ بڻبي، جتي اهي چرندا ۽ آرام ڪندا.


سندن زناڪار ماءُ جنهن مان اهي ٻار پيدا ٿيا، تنهن هڪ تہ زناڪاري ڪري بي‌حيائيءَ جو ڪم ڪيو، ٻيو وري چوي ٿي تہ ’آءٌ پنهنجي انهن زناڪار يارن جي پٺيان لڳي وينديس، جيڪي مون کي کاڌو توڙي پاڻي، بلڪ اُن، سڻي، زيتون جو تيل ۽ مئي پڻ ڏين ٿا.‘


پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت خيمي‌گاهہ ڏانهن جِلجال ۾ موٽي آيو.


اُتان وري هو دبير شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ ويو. اڳي انهيءَ شهر جو نالو قريت‌سِفر هو.


بيت‌حجلہ کان ٿيندي بيت‌العرابہ جي اترئين پاسي کان لنگھندي روبن جي پٽ بوهن جي پٿر تائين ويئي.


پوءِ اُها اتر ڏانهن مُڙي عين‌شمس کان ٿيندي گليلوت ڏانهن ويئي جيڪو ادميم لڪ جي سامهون آهي ۽ اتان لهي روبن جي پٽ بوهن واري پٿر تائين پهتي.


انهن ماڻهن پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ اردن درياءُ پار ڪري، يريحو شهر جي اوڀر واري سرحد تي جِلجال ۾ اچي منزل ڪئي.


پوءِ يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن زارح جي گھراڻي واري عڪن کي کڻي سوگھو ڪيو ۽ اها چاندي، پوشاڪ، سوني سر، عڪن جا پٽ، ڌيئر، ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون، سندس تنبو ۽ ٻيو جيڪي بہ وٽس هو سو هٿ ڪيو ۽ انهن کي هڪ ماٿريءَ ۾ آندائون.


هنن انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي. انهيءَ ڪري اها ماٿري اڄ ڏينهن تائين عڪور جي نالي سان سڏجي ٿي. پوءِ خداوند بني اسرائيل تان پنهنجو غضب هٽايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ