آءٌ عقرون شهر کي سزا ڏيندس، بلڪ اشدود ۽ اسقلون شهرن جي حڪمرانن توڙي رهاڪن کي بہ نابود ڪري ڇڏيندس. هائو، اهڙيءَ طرح فلستين جا باقي بچيل سڀيئي ماڻهو چٽ ٿي ويندا.“ اهو خداوند خدا جو فرمان آهي.
تڏهن وري هنن خدا جي عهد واري صندوق عقرون شهر ڏانهن موڪلي ڏني. جيئن ئي اها عقرون ۾ پهتي تہ اُتي جا ماڻهو رڙيون ڪري چوڻ لڳا تہ ”هنن بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي مارڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.“
فلستين سون مان ٺهيل جيڪي پنج ڳوڙهيون خداوند جي ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني طور موڪليون هيون، سي پنجن شهرن يعني اشدود، غزہ، اسقلون، جات ۽ عقرون جي لاءِ هڪڙي هڪڙي ڪري موڪلي هئائون.