Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 13:30 - Muslim Sindhi Bible

30 اهو علائقو محنايم کان وٺي شروع ٿيو. انهيءَ ۾ سڄو بسن، بسن جي بادشاهہ عوج جي سڄي بادشاهت ۽ يائير جا سڀيئي سٺ شهر جيڪي بسن ۾ آهن، سي شامل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 انهن جي سرحد محنايم کان وٺي، سارو بسن، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي سڄي بادشاهت، ۽ يائير جا سڀ شهر، جي بسن ۾ آهن، ڪل سٺ شهر:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 13:30
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب پاڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن سعير علائقي يعني ادوم ملڪ ۾ قاصد موڪليا.


تنهن کان پوءِ هو اتان ڦري بسن جو رستو وٺي هليا تہ بسن جو بادشاهہ عوج پنهنجو لشڪر وٺي ساڻن جنگ ڪرڻ لاءِ ادرعيءَ واري هنڌ وٽ نڪري آيو.


انهيءَ وقت ئي اسان هن جا سڀ شهر هٿ ڪيا، ڪوبہ اهڙو شهر باقي نہ بچيو جيڪو اسان هٿ نہ ڪيو. اهڙيءَ طرح ارجُوب جو سڄو علائقو، جيڪو بسن ۾ عوج جي بادشاهت ۾ شامل هو ۽ جنهن ۾ سٺ شهر هئا سو اسان جي قبضي ۾ آيو.


حشبون کان رامت المصفاہ ۽ بطونيم تائين ۽ محنايم کان دبير جي علائقي تائين،


اهو علائقو جيڪو موسيٰ منسيءَ جي اوڀر واري اڌ قبيلي کي سندن گھراڻن موجب ڏنو هو سو هي هو.


ڇو تہ منسيءَ قبيلي جي عورتن کي بہ مردن سان گڏ ورثو مليو. جِلعاد جي زمين منسيءَ جي اولاد مان باقي ٻين بچي ويلن کي ملي.


جد قبيلي مان کين هي چار شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت جِلعاد علائقي ۾ مليا: رامات، جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، محنايم،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ