Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 13:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ يشوع تمام پيرسن ٿي چڪو هو. خداوند کيس فرمايو تہ ”تون تمام ٻڍو ٿي ويو آهين، پر اڃا گھڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي يشوع پيرسن ۽ ڪُهن سال ٿيو؛ ۽ خداوند کيس چيو تہ تون ٻڍو ٿيو آهين، ۽ اڃا گهڻي زمين باقي بچي پيئي آهي جا هٿ ڪرڻي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 13:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ ابراهيم ۽ سارہ تمام ٻڍا هئا ۽ سارہ کي ماهواري اچڻ بند ٿي ويئي هئي،


هاڻ دائود بادشاهہ ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿي چڪو هو. توڙي جو سندس نوڪر کيس سوڙيون ويڙهيندا هئا تہ بہ هو پاڻ کي گرم نہ رکي سگھندو هو.


پوءِ اتان اردن درياءَ جي ڪناري ڪناري هيٺ لنگھندي وڃي کاري سمنڊ تي پوري ٿيندي. اوهان جي ملڪ جون اهي ئي چوڌاري سرحدون هونديون.‘“


”بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ تہ ’جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيندا، جيڪو اوهان کي ورثي طور ورهائجي ملندو، تنهن جون سرحدون هي هونديون.


انهن کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ اليشبع سنڍ هئي ۽ ٻئي زال مڙس پوڙها پڻ ٿي چڪا هئا.


سو هاڻي خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي اڳيان پار هلندو. هو انهن قومن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪندو ۽ اوهين انهن جي ملڪ تي قبضو ڪندا. خداوند جي فرمان مطابق يشوع اوهان جي اڳواڻي ڪندو.


جيڪا زمين اڃا رهيل آهي سا هيءَ آهي: فلستين ۽ جسُورين جا سڀ علائقا،


انهيءَ کي پنجيتاليهہ سال گذري ويا آهن جڏهن خداوند اِها ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي. اهو تڏهن ٿيو جڏهن بني اسرائيل اڃا بيابان ۾ رلندا ٿي رهيا. تنهن وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي واعدي موجب مون کي جيئرو رکيو آهي. هاڻ ڏس، اڄ منهنجي عمر پنجاسي سال آهي.


سو يشوع انهن کي چيو تہ ”جيڪا زمين خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ڏني آهي تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيستائين ترسيا ويٺا هوندا.


پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ


ڪجھہ وقت کان پوءِ خداوند جو ٻانهو يشوع ولد نون هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ