Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 12:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڪنعان ملڪ جو جيڪو علائقو اردن درياءَ جي اولهہ طرف لبنان جي ماٿريءَ ۾ بعل‌جد کان وٺي خلق جبل، جيڪو ڏکڻ ۾ ادوم جي علائقي ڏانهن ٿو وڃي، تنهن تائين آهي، انهيءَ علائقي جي بادشاهن کي يشوع ۽ بني اسرائيل شڪست ڏني. انهن جا ملڪ يشوع بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جيڪو ملڪ يردن جي هن ڀر الهندي ڏي لبنان جي واديءَ ۾ بعل جد کان وٺي خلق جبل، جو سعير ڏي ٿو وڃي، تنهن تائين آهي، تنهن جا بادشاهہ هي آهن، جن کي يشوع ۽ بني اسرائيل ماري مات ڪيو، ۽ انهن جو ملڪ ورثو ڪري هن بني اسرائيل کي سندن حصن موجب ورهائي ڏيئي ڇڏيو هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 12:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حورين کي ادوم جي جابلو علائقي ۾ شڪست ڏيندا، ايل‌فاران تائين آيا جيڪو رڻ‌پٽ جي ويجھو آهي.


يعقوب پاڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن سعير علائقي يعني ادوم ملڪ ۾ قاصد موڪليا.


حوري قبيلي وارا جيڪي سعير جو اولاد هئا ۽ ادوم جي علائقي ۾ رهندا هئا سي هي آهن: لوطان، شوبال، صِبعون، عَيناہ،


انهيءَ ڪري عيسو، جنهن کي ادوم بہ سڏجي ٿو سو وڃي سعير جي جابلو علائقي ۾ رهڻ لڳو.


هائو، امورين جي بادشاهہ سيحون کي، بسن جي بادشاهہ عوج کي، ۽ ڪنعان جي سڀني بادشاهن کي هن قتل ڪري ڇڏيو.


”پوءِ اسين موٽياسين ۽ ڳاڙهي سمنڊ وارو رستو ڏيئي بيابان ۾ آياسين، جيئن خداوند مون کي فرمايو هو. ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسين ادوم جي جابلو علائقي ۾ ڀٽڪندا رهياسين.


هن مون کي اوهان لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ’اوهان کي پنهنجن عزيزن بني عيسوءَ جي سرحد وٽان لنگھڻو آهي، جيڪي ادوم جي علائقي ۾ رهن ٿا. اهي اوهان کان ڊڄندا، تنهنڪري اوهين تمام احتياط ڪجو.


خلق جبل، جيڪو ڏکڻ ۾ ادوم جي علائقي ڏانهن وڌي ٿو، تنهن کان وٺي بعل‌جد تائين جيڪو اتر ۾ لبنان جي ماٿريءَ ۾ حرمون جبل هيٺان آهي. يشوع انهن سڀني بادشاهن سان گھڻي وقت تائين جنگ ڪئي ۽ کين پڪڙي ماري ڇڏيو.


اهڙيءَ طرح يشوع سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. يشوع اهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنو. پوءِ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


هوڏانهن اهي بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٽڪرين ۾، هيٺاهن ڍورن ۾ ۽ وڏي سمنڊ جي ڪناري سان لبنان ملڪ تائين حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جا بادشاهہ هئا، تن جڏهن بني اسرائيل جي ڪاميابين جون اهي ڳالهيون ٻڌيون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ