اهڙيءَ طرح يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ايڪٽيهين سال ۾ عمري اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ ٿيو ۽ اٽڪل ٻارهن سال بادشاهي ڪيائين. پهريائين هن ترضہ شهر ۾ ڇهن سالن تائين بادشاهي ڪئي.
هو انهن جي بادشاهن کي اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو. سو اوهين انهن جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندا. جيستائين اوهين انهن کي نابود نہ ڪندا تيستائين ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگھندو.