Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:37 - Muslim Sindhi Bible

37 هنن انهيءَ تي بہ قبضو ڪيو ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سميت جيڪي بہ ماڻهو انهيءَ ۾ يا انهيءَ جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۾ رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون. جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هن شهر سان بہ ڪيائون ۽ جيڪي ماڻهو منجھس هئا، تن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 ۽ انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهي جي سڀني شهرن کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هڪڙي کي بہ نہ ڇڏي ڏنائون؛ پر انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هئا، تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:37
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري عماليقين کي يشوع تلوار جي ڌار سان شڪست ڏني.


انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


هنن انهيءَ ساڳئي ئي ڏينهن تي انهيءَ تي قبضو ڪري ورتو ۽ منجھس جيڪي بہ ماڻهو هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، جيئن هنن لڪيس سان ڪيو هو.


تنهن کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت عجلون کان حبرون شهر ڏانهن ويو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائون.


انهيءَ کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي سڄي لشڪر سميت دبير شهر ڏانهن موٽيو ۽ انهيءَ تي حملو ڪيائون.


هنن انهيءَ تي، انهيءَ جي بادشاهہ تي ۽ سڀني آس‌پاس وارن ڳوٺن تي قبضو ڪيو. جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. يشوع دبير ۽ ان جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن هن لبناہ شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ۽ حبرون شهر سان ڪيو هو.


سو يشوع سڄو علائقو قبضي ۾ ڪري ورتو، يعني هن جابلو علائقي، ڏاکڻي علائقي، هيٺاهين علائقي ۽ لاهين واري علائقي جي سڀني بادشاهن کي شڪست ڏني. هن ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيو بلڪ سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائين، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا فرمايو هو.


اهڙيءَ طرح يشوع انهن سڀني شهرن تي قبضو ڪيو ۽ اتان جي بادشاهن ۽ رهاڪن کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيائين، جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ حڪم ڏنو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ