Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يشوع 10:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن يشوع پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”ڪي وڏا پٿر ريڙهي انهيءَ غار جي منهن تي آڻي ڏيو ۽ غار جي مٿان ڪي ماڻهو پهري ڏيڻ لاءِ بيهاري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تڏهن يشوع چيو تہ ڪي وڏا پٿر ليٽائي غار جي منهن تي آڻي وجهو، ۽ انهن جي ڀرسان ڪي ماڻهو پهري ڏيڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يشوع 10:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن مان معلوم ٿو ٿئي تہ جڏهن خدا ڪاوڙبو آهي ۽ ماڻهن کي سزا ڏيندو آهي، تڏهن بدڪار ماڻهن کي ڪجھہ نہ ٿيندو آهي.


اهو تہ اهڙو آهي، جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڄي تہ رڇ منهن ۾ پويس، يا وري جيئن ڪو گھر ۾ وڃي ڀت تي هٿ رکي تہ نانگ ڏنگي وجھيس.


پوءِ مون پروردگار کي قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادت‌گاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.


پوءِ هو پهريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ قبر جي منهن تي ڏنل پٿر تي مُهر هڻي اتي پهرو بيهاريائون.


سو يشوع کي ڪنهن ٻڌايو تہ ”اهي پنج ئي بادشاهہ مقيدہ جي هڪڙي غار ۾ لڪل ڏٺا ويا آهن.“


پر اوهين پاڻ نہ ترسجو، بلڪ پنهنجن دشمنن جي پٺيان پئجو ۽ مٿن پٺيان کان حملو ڪجو. هنن کي سندن شهرن ۾ گھڙڻ نہ ڏجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا هنن کي اوهان جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“


پوءِ يشوع چيو تہ ”غار جو منهن کوليو ۽ انهيءَ مان پنجن ئي بادشاهن کي ڪڍي مون وٽ وٺي اچو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ