يوناہ 3:8 - Muslim Sindhi Bible8 ماڻهو توڙي جانور کٿا ڍڪين ۽ خدا کي تمام گھڻو ٻاڏائين. هر ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ واري هلت چلت ۽ پنهنجي هٿان ڪيل ظلم کان توبهہ ڪري. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible8 ۽ ماڻهو توڙي جانور ٻئي کٿا ڍڪين، ۽ زور سان خدا جي اڳيان پڪارين: هرڪو پنهنجي خراب رستي کان، ۽ پنهنجي هٿن جي ظلم کان باز اچي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟