Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 3:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهين منهنجو سون چاندي کڻي ويا آهيو ۽ منهنجيون عمديون شيون کڻي وڃي پنهنجي پوڄا گھرن ۾ رکيون اٿوَ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اوهان منهنجو روپو ۽ منهنجو سون کنيو آهي، ۽ منهنجون عمديون شيون پنهنجن مندرن ۾ کڻي ويا آهيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 3:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ جي بادشاهہ يوآس اهي سڀ نذرانا جيڪي هن جي ابن ڏاڏن يهوسفط، يهورام ۽ اخزياہ ۽ هن پاڻ خداوند لاءِ وقف ڪيا هئا ۽ جيڪو بہ سون هيڪل ۽ محل جي خزانن ۾ موجود هو سو سڀ هن ارام جي بادشاهہ حزائيل ڏانهن تحفي طور ڏياري موڪليو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم کي ڇڏي موٽي ويو.


آخز خداوند جي گھر مان ۽ شاهي محل جي خزانن مان سون ۽ چاندي تحفي طور اشور جي شهنشاهہ ڏانهن ڏياري موڪليو.


سو جيئن خداوند اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، تيئن نبوڪدنضر خداوند جي هيڪل مان ۽ شاهي محل مان سڀ خزانا ميڙي سيڙي کڻائي ويو ۽ سون جون اهي شيون بہ ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيون جيڪي اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي گھر لاءِ ٺهرايون هيون.


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهنڪري ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن اوهين اڳتي منهنجي نالي جو هيئن قسم نہ کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.‘


بابل جا جيڪي ماڻهو ڀڄي اچي يروشلم ۾ پناهہ وٺندا سي ٻڌائيندا تہ خداوند خدا ڪيئن نہ بابلين کان پنهنجو بدلو ورتو آهي جن سندس هيڪل کي تباهہ ڪيو هو.


خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہ‌سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو.


تنهنڪري تون هنن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ڏسو، اي منهنجي قوم وارؤ! آءٌ اوهان سان واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان جون قبرون کوليندس ۽ انهن مان اوهان کي ٻاهر ڪڍندس. آءٌ اوهان کي موٽائي اوهان جي وطن ۾ آڻيندس.


تنهن هوندي بہ هو قلعن جي معبود کي تعظيم ڏيندو. هائو، جنهن معبود کي سندس ابا ڏاڏا بہ نہ سڃاڻيندا هوندا، تنهن کي هو سون، چاندي، هيرا جواهر ۽ قيمتي شيون نذرانو ڏيئي سندس احترام ڪندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر صيئون جي جبل تي يروشلم وارن مان ڪي بچي ويندا، ۽ اهو جبل وري مون لاءِ مخصوص ڪيو ويندو. بلڪ بني يعقوب وارا ٻيهر پنهنجي ملڪيت جا وارث بڻبا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ