Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 3:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سو اي صور، صيدا ۽ فلستيہ جي سڀني علائقن جا رهاڪؤ! اوهان جي حيثيت آهي ئي ڇا؟ اوهان ائين ڪرڻ سان مون کان ڪو بدلو ورتو آهي ڇا؟ جي ائين آهي تہ هاڻي آءٌ وري اوهان کان هڪدم بدلو وٺندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هائو، اي صور ۽ صيدا ۽ فلستيہ جا سڀ علائقا، اوهين منهنجي لاءِ ڇا آهيو؟ اوهين ڪو مون کي بدلو ڏيندا ڇا؟ ۽ جي اوهين ڏيندا، تہ ستت ئي ۽ سگهو ئي آءٌ اُهو اوهان جو بدلو خود اوهان جي سر تي آڻيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 3:4
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند يهورام جي خلاف فلستين کي ۽ سوڊان جي ڀرسان رهندڙ عربن کي جوش ڏياري اٿاريو.


”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.


خداوند اهو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن هو صيئون وارن سان انصاف ڪرڻ ايندو، ۽ سندن دشمنن کان بدلو وٺندو.


پوءِ جيڪو جيتري سزا جو مستحق هوندو، تنهن کي بدلي ۾ خداوند اوتري ئي سزا ڏيندو. هائو، پنهنجي مخالفن تي هو غضب نازل ڪندو، ۽ پنهنجي دشمنن کان انتقام وٺندو، پوءِ اهي کڻي ڪيترو بہ پري ڇو نہ هجن.


فلستي شهر غزہ تي فرعون جي ڪاهہ کان اڳ فلستين بابت خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ


سڀني فلستين کي ناس ڪرڻ جو ڏينهن اچي ويو آهي، هائو، اهي جيڪي صور ۽ صيدا جي مدد ڪن ٿا. آءٌ خداوند فلستين کي، يعني ڪريت ٻيٽ جي اصلي رهاڪن کي ناس ڪرڻ وارو آهيان.


سو اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين بابل منجھان نڪري ڀڄي وڃو، ۽ پنهنجيون جانيون بچايو. اوهين بابلين جي گناهن جي سزا ۾ شريڪ ٿي پاڻ کي برباد نہ ڪريو. وقت اچي ويو آهي جو آءٌ خداوند کانئن بدلو وٺان، جنهن جي هو لائق آهن.“


انهن جي اچڻ سان ڌرتي ڌُڏي ويندي، ۽ آسمان ڏڪي ويندو. هنن آڏو سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ختم ٿي ويندي.


اهو ڏينهن اونداهيءَ ۽ انڌاري وارو هوندو، هائو، جھڙالو ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ وارو ڏينهن. جيئن پرهہ ڦٽڻ مهل روشني جبلن تي پکڙجي ٿي، تيئن ئي انهيءَ ڏينهن هڪڙو وڏو ڪٽڪ پکڙجي ويندو. اهڙو طاقتور ڪٽڪ نہ اڳي ڪڏهن آيو آهي، ۽ نہ وري ڪيترين ئي پيڙهين تائين ڪڏهن ايندو. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ سگھندي.


”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين صور ۽ صيدا جي ماڻهن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.


تڏهن عيسيٰ بي‌اعتقاد شهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيت‌صيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي ويهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها.


سو قيامت جي ڏينهن تي اوهين صور ۽ صيدا وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.


تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟


تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“


هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.


جيئن تہ خدا انصاف ڪندڙ آهي سو هو اوهان جي تڪليفن ڏيڻ وارن کي بدلي ۾ تڪليفون ڏيندو


پوءِ افتاح بني عمون جي بادشاهہ ڏانهن ايلچين سان چوائي موڪليو تہ ”تنهنجو اسان سان ڪهڙو جھڳڙو آهي جو تون اسان جي ملڪ تي ڪاهي آيو آهين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ