Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 3:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هنن منهنجي قوم جي قيدين کي پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ ڪڻا وڌا آهن. هنن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي ڪڃريون گھرائڻ ۽ شراب خوريءَ جي عيوض وڪڻي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هنن منهنجي قوم لاءِ ڪُڻا وڌا آهن: ۽ هڪ ڪڃري لاءِ هڪ ڇوڪر ڏنو اٿن، ۽ شراب پيئڻ جي لاءِ ڇوڪري وڪڻي اٿن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 3:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا اوهين اهڙا سنگدل ٿيا آهيو جو ڪُڻا وجھي يتيمن کي غلام بڻايو؟ ڇا اوهين دوستن کي واپاري مال بڻائڻ وارا ٿيندا؟


توبل، مسڪ ۽ يونان وارن واپارين بہ تو سان تجارت ٿي ڪئي. هو واپار لاءِ ٻانها ٻانهيون ۽ پتل جا ٿانوَ تو وٽ آڻيندا هئا.


اي مئي پيئڻ سان مدهوش رهڻ وارؤ! جاڳو ۽ روئو رڙو. هائو، اي مئي‌خوارؤ! اوهين رڙيون ڪري روئو، ڇاڪاڻ تہ اها مٺي مئي اوهان جي وات تان کسي ويئي آهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”اسرائيل ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ مسڪين قرضدار جنهن جو ٻيو ڪو ڏوهہ ڪونهي، تنهن کي هو چانديءَ جي چند سڪن جي عيوض، بلڪ خسيس جتيءَ جي جوڙي جي عيوض وڪڻن ٿا.


جنهن ڏينهن بابلي دشمنن يروشلم جا دروازا ٿي ڀڳا، ۽ شهر جي مال ملڪيت کي لٽي ڦري پاڻ ۾ ٿي ورهايائون، تنهن ڏينهن اوهان هڪ پاسي خاموشيءَ سان بيٺي تماشو ڏٺو. سو اوهين بہ انهن بڇڙن ڌارين وانگر ئي بڇڙا آهيو.


تنهن هوندي بہ اهو سڄو شهر قيد ڪري نيو ويو، ۽ ان جا ٻارڙا بہ هر گھٽيءَ جي چونڪ تي اڇلائي ماريا ويا. ان جا سڀيئي وڏا ماڻهو زنجيرن سان جڪڙيا ويا، ۽ کين غلام بڻائڻ لاءِ ڪڻا وڌا ويا.


دالچيني، ننڍا ڦوٽا، اگربتي، عطر، لوبان، مئي، زيتون جو تيل، ميدو، ڪڻڪ، ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، گھوڙا، گاڏيون، غلام ۽ وڪري لاءِ پڪڙيل انسان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ