Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16 خداوند صيئون جبل تان شينهن وانگر گجندو. هائو، سندس آواز سڄي يروشلم ۾ گونجندو، ايتري قدر جو زمين وَ آسمان ڏڪي ويندا. پر تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ۽ پناهہ جي جاءِ هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ خداوند صيون مان گجگار ڪندو ۽ يروشلم مان پنهنجو آواز ٻڌائيندو؛ ۽ آسمان ۽ زمين ڏڪي ويندا: پر خداوند پنهنجي قوم جي پناهہ ٿيندو ۽ بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 3:16
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند منهنجو حفاظت ڪندڙ آهي، هو منهنجو ڇڏائيندڙ ۽ منهنجو قلعو آهي. خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.


شل اهو خداوند پنهنجي قوم کي طاقت عطا ڪري. هائو، شل هو پنهنجي قوم کي سلامتي ۽ خوشحالي بخشي.


تون هڪ اهڙو مضبوط منارو آهين، جيڪو دشمن کان بچڻ جي لاءِ منهنجي پناهہ آهين.


خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.


پوءِ اوهين اتي امن وَ سلامتيءَ سان رهندا. هائو، اوهين خدا جي حضور ۾ اهڙا تہ محفوظ هوندا، جيئن ڄڻ ڪنهن مضبوط جابلو قلعي ۾ هجو. اتي اوهان کي جھجھو کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي عطا ڪيو ويندو.


اتي خداوند اسان کي پنهنجو جلوو پسائيندو، ۽ خداوند جي حضوري اسان لاءِ خوشحاليءَ واري وڏي ندي ۽ نهر مثل هوندي، جتان دشمنن جي ٻيڙين ۽ وڏن سامونڊي جهازن جو گذر ئي نہ ٿيندو.


خداوند بهادر مرد وانگر وڙهڻ لاءِ نڪرڻ وارو آهي، هو جنگي جوڌي وانگر پنهنجي قوم لاءِ غيرت ڏيکارڻ وارو آهي. هو جنگ لاءِ للڪارڻ ۽ نعرو بلند ڪرڻ وارو آهي. هو پنهنجي دشمنن تي غالب اچڻ وارو آهي.


مون آسمانن کي ڦهلائي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي، ۽ زمين جا بنياد وڌا اٿم. آءٌ يروشلم وارن کي چوان ٿو تہ ’اوهين منهنجي قوم آهيو، مون ئي اوهان کي علم ڏيڻ سيکاريو آهي، ۽ پنهنجي هٿ هيٺ اوهان کي پناهہ ڏني اٿم.‘“


اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہ‌گاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.


مصيبت جي ڏينهن تون ئي تہ منهنجي پناهہ آهين، سو تون منهنجي لاءِ دهشت جو سبب نہ بڻج،


آءٌ پنهنجي غيرت ۽ قهر وچان اهڙو تہ خوفناڪ زلزلو موڪليندس جيڪو سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيندو.


جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي دشمنن مٿان شينهن جيان گجندس، تڏهن منهنجي قوم هڪدم اولهہ وارن ملڪن کان ڊوڙندي ايندي، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي قوم کي سڏيندس، تڏهن اهي مون ڏانهن هليا ايندا.


عاموس چيو تہ ”صيئون جبل تان خداوند گجي ٿو، هائو، انهيءَ جبل واري شهر يروشلم مان سندس آواز ٻڌجي ٿو. ان آواز جي ڪري ڪرمل جبل جي چوٽي ڪومائجي ٿي وڃي، ريڍارن جو هر چراگاهہ سُڪي ٿو وڃي.“


ببر شينهن گجيو آهي سو ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، سو ڪير آهي جو سندس پيغام ظاهر نہ ڪندو؟


بيشڪ، خداوند ڀلو آهي. هو مصيبت جي وقت جاءِ‌پناهہ آهي. جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي هو سنڀال ڪري ٿو.


آءٌ قادرِمطلق جلد هڪ دفعو وري زمين وَ آسمان کي ۽ بر وَ بحر کي لوڏي ڇڏيندس.


آءٌ سڀني قومن کي لوڏو ڏيئي شڪست ڏيندس ۽ سندن خزانا هتي يروشلم ۾ آڻي هن هيڪل جي شان وَ شوڪت ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيندس،


آءٌ کين پنهنجي طاقت بخشيندس، ۽ هو منهنجو نالو وٺي پيا هلندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي مضبوط ڪندس، هائو، آءٌ انهن کي فتحياب ڪندس. آءٌ انهن کي موٽائي سندن وطن ۾ وري آباد ڪندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن تي رحم اچي ويو آهي. آءٌ انهن جا حالات اهڙا تہ بدلائي ڇڏيندس، جو ڄڻ تہ مون ڪڏهن کين رد ئي نہ ڪيو هو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان ۽ آءٌ انهن جي ٻڌندس.


سو خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي جلاوطنؤ! اوهين، جيڪي مون تي آسرو ڪيو ويٺا آهيو، هاڻي پنهنجي قلعي واري شهر يروشلم ۾ موٽي اچو. هاڻي ئي ٻڌي ڇڏيو تہ آءٌ اوهان کي ٻيڻو اجورو عطا ڪندس.


انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ زمين لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو زمين کي، بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“


انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي عرش عظيم جي خدا جي عظمت مڃڻ لڳا.


پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


انهيءَ تي کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون ۽ ڌرتيءَ تي وڏو زلزلو آيو. اهڙي قسم جو زلزلو انسان جي پيدا ٿيڻ کان وٺي ڌرتيءَ تي ڪڏهن بہ ڪونہ آيو آهي.


بني اسرائيل جو عظمت وارو خدا، نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ نہ وري پنهنجو فيصلو بدلائيندو آهي، ڇو تہ هو انسان ناهي جو پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ