15 انهيءَ ڏينهن سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ڇڏائي ويندي.
15 سج ۽ چنڊ لڙاٽجي ٿا وڃن ۽ تارا پنهنجي روشنائي بند ڪري ٿا ڇڏين.
انهن ڏينهن ۾ اوهان لاءِ سج جي روشني ويندي رهندي ۽ چنڊ تارا اونداها ٿي ويندا ۽ اونداها ڪڪر اوهان مٿان بار بار لنگھندا.
آسمان جي ستارن، ۽ ان جي برجن ۾ روشني نہ رهندي، سج اڀرڻ سان ئي اونداهو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي وڃائي ويهندو.
جڏهن آءٌ تو کي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ڇڏيندس. هائو، آءٌ تارن جي روشنيءَ کي ڍڪي ڇڏيندس، سج بہ ڪڪرن سان ڍڪجي ويندو، ۽ ڏسندي ڏسندي چنڊ جي روشنائي بہ نظر نہ ايندي.
انهن جي اچڻ سان ڌرتي ڌُڏي ويندي، ۽ آسمان ڏڪي ويندو. هنن آڏو سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ختم ٿي ويندي.
سج ڦري اونداهو ٿي پوندو، ۽ چنڊ ڦري رت جيان ڳاڙهو ٿي پوندو. اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند جي ظاهر ٿيڻ واري عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ تي ٿيندو.
”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.
عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو.
چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پهتو، جنهن ڪري انهن جو ٽيون حصو اونداهو ٿي پيو. مطلب تہ ڏينهن توڙي رات جو ٽيون حصو روشني وڃائي ويٺو.