Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اوهين پنهنجي هرن جي گھوٻن مان تلوارون ٺاهيو، ۽ پنهنجي ڏاٽن مان نيزا ٺاهيو. اهڙيءَ طرح اوهين هر ڪمزور کي هٿيارن سان طاقتور بڻائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 پنهنجن هرن جي ڦارن کي ڪٽي ترارون ٺاهيو ۽ ڏاٽن کي ڀڃي ڀالا ٺاهيو: ڀلي هيڻو چوي تہ آءٌ زور ڀريو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 3:10
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪڏهن تون انهن کي گڏ وٺي وڃڻ سان پاڻ کي لڙائيءَ لاءِ مضبوط ٿو سمجھين تہ ياد رک، خدا تو کي دشمن هٿان شڪست ڏياريندو، ڇاڪاڻ تہ فتح يا شڪست خدا جي ئي اختيار ۾ آهي.“


خداوند قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، هائو، هو قومن جا جھڳڙا نبيري ڇڏيندو. تڏهن اهي پنهنجيون تلوارون ڀڃي انهن مان هر ڦار، ۽ پنهنجن نيزن مان ڏاٽا ٺاهيندا. پوءِ ڪابہ قوم ٻيءَ قوم تي تلوار نہ کڻندي، ۽ نہ وري اڳتي اهي ڪڏهن جنگ جي تربيت وٺندا.


خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہ‌سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو.


خداوند ويجھين توڙي پري وارين زورآور قومن جي وچ ۾ عدالت ڪري سندن جھڳڙا نبيري ڇڏيندو. تڏهن اهي پنهنجيون تلوارون ڀڃي انهن مان هر ڦار، ۽ پنهنجن نيزن مان ڏاٽا ٺاهيندا. پوءِ ڪابہ قوم ٻيءَ قوم تي تلوار نہ کڻندي، ۽ نہ وري اڳتي اهي ڪڏهن جنگ جي تربيت وٺندا.


پوءِ آءٌ خداوند يروشلم جي رهاڪن جي بہ حفاظت ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان ضعيف ترين ماڻهو بہ دائود وانگر طاقتور ٿين ۽ دائود جو گھراڻو وڏيءَ عظمت وارو ٿئي، ايتري قدر جو اهي منهنجي قوم جي اهڙيءَ طرح اڳواڻي ڪن جو ڄڻ تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرشتي جي وسيلي سندن اڳواڻي ٿو ڪريان.


عيسيٰ جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاڻ وٽ سڏي چيائينس تہ ”اي مائي! تو هاڻي پنهنجي بيماريءَ کان جند ڇڏائي.“


تڏهن عيسيٰ چين تہ ”هاڻي جنهن کي بہ ڳوٿري هجي تہ اها کڻي، جنهن کي بہ ٿيلهو هجي تہ اهو کڻي ۽ جنهن کي بہ تلوار نہ هجي تہ اهو پنهنجو ڪوٽ وڪڻي بہ اها خريد ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ