6 انهن جي آڏو خوف وچان ماڻهو ڏڪڻ لڳندا. هائو، انهن کي ڏسي ماڻهن جا منهن پيلا ٿي ويندا.
6 هنن جي روبرو قومون مصيبت ۾ آهن: سڀ منهن ڦڪا ٿي ويا آهن.
جيتوڻيڪ منهنجو حال ڀڳل ٺڪر جهڙو اچي ٿيو آهي، تڏهن بہ مون تنهنجي قانونن کي ڪين وساريو آهي.
هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي، ۽ عذاب ۽ درد کين وڪوڙي ويندا. هائو، کين ويم واري عورت جهڙا سور اچي لڳندا. هو خوف وچان هڪٻئي جو منهن پيا ڏسندا، ۽ سندن چهرا دهشت ۾ وڪوڙيل هوندا.
سوچي سمجھي ٻڌايو تہ ڇا ڪو مرد بہ ٻار ڄڻيندو آهي؟ تہ پوءِ ڇو آءٌ ڏسان ٿو تہ هر مرد کي پنهنجي ڍاڪن تي هٿ آهن، جيئن ڪا سورن واري عورت ڪندي آهي؟ ڇو هر چهرو خوف وچان ڦري ڦڪو ٿي پيو آهي؟
منهنجي قوم کي ايذاءُ رسيو آهي، ڄڻ تہ آءٌ ايذايو ويو آهيان. آءٌ ڏکويل ٿي پيو آهيان ۽ منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي.
پر هاڻي سندن شڪليون ڏامر کان بہ وڌيڪ ڪاريون ٿي ويون آهن، ۽ ڪوبہ کين سڃاڻي نہ ٿو سگھي. هنن جي کل سندن هڏين کي چنبڙي پيئي آهي، ۽ ڪومائجي سڪي ڪاٺيءَ جهڙي ٿي پيئي آهي.
هاڻي شهر لٽيو ڦريو ويو آهي ۽ خالي ڪيو ويو آهي! شهر وارن جون دليون هارجي ويون آهن ۽ ٽنگن ۾ ڏڪڻي اٿن، جسم ۾ ڪنبڻي اٿن ۽ منهن ڦڪا ٿي ويا اٿن.
هاڻ انهن شينهن جي غار ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجن ٻچن سميت رهندا آهن؟ هائو، اها جاءِ ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجن ٻچن کي کارائيندا آهن، ۽ جتي کين ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي؟