يوايل 2:5 - Muslim Sindhi Bible5 اهي جبلن جي چوٽين تي ائين گجگوڙ ڪندا، جيئن جنگي گھوڙي گاڏيون کڙڪاٽ ڪنديون آهن، يا جيئن ڪو طاقتور لشڪر جنگ ڪرڻ لاءِ صفون ٻڌي تيار هجي. اهي جھنگ جي انهيءَ باهہ وانگر آهن، جيڪا ڪک ڪانا ساڙي چٽ ڪري ٿي ڇڏي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 هو ائين ٽپن ٿا جيئن جبلن جي چوٽين تي گاڏين جو گوڙ ٿيندو آهي، جيئن بهہ سڙڻ ۾ باهہ جا شعلا آواز ڪندا آهن، جيئن زور وارا ماڻهو صفون ٻڌي جنگ ڪندا آهن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهنڪري جهڙيءَ طرح باهہ بُهہ کي ساڙي ڇڏيندي آهي، ۽ جيئن باهہ جو شعلو سڪل گاهہ کي رک ڪري ڇڏيندو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ اهڙي ٻوٽي جيان تباهہ وَ برباد ٿي ويندا، جنهن جي پاڙ ڳري سڙي ويئي هجي، ۽ جنهن جو ٻور دز وانگر اڏامي ويو هجي. جيئن تہ اوهان قادرِمطلق جي شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي فرمان کي ٺڪرايو آهي،