Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:30 - Muslim Sindhi Bible

30 آءٌ مٿي آسمان ۾ توڙي هيٺ زمين تي پنهنجا عجيب ڪم ظاهر ڪندس. اهي خونريزي، باهہ ۽ دونهين جي ڪڪرن جي صورت ۾ هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ۽ آءٌ آسمانن ۽ زمين تي عجيب ڪم ظاهر ڪندس، يعني رت ۽ باهہ ۽ دونهين جا ٿنڀ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:30
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن سدوم، عموراہ ۽ سڄي ميدان ڏانهن نهاريو ۽ ڏٺائين تہ انهيءَ زمين جو دونهون کُوري جي دونهين وانگر مٿي پيو چڙهي.


اهو ڪير آهي، جيڪو بيابان مان دونهين جي ڪڪر وانگر پيو اچي، جيڪو مُر ۽ لوبان سان، ۽ سوداگرن جي وڪرو ڪيل هر طرح جي خوشبوءِ سان معطر آهي؟


انهيءَ سبب ڌرتي ماتم ڪندي ۽ آسمان ڪاراٽجي ويندو. آءٌ اهو فيصلو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجو ارادو نہ بدلائيندس.“


انهيءَ وقت پاري جهڙي ٿڌ نہ هوندي، بلڪ نہ گرمي هوندي، نڪي ٿڌ هوندي.


”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.


وڏا وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي هنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. ان کان علاوہ آسمان ۾ هيبتناڪ ڳالهيون ۽ وڏيون نشانيون ڏسڻ ۾ اينديون.


عئيءَ جي ماڻهن جڏهن پوئتي نهاريو تہ ڇا ڏٺائون تہ شهر جو دونهون آسمان سان پيو ڳالهيون ڪري، تڏهن هنن کي ڪنهن بہ پاسي بچي نڪرڻ جو وجھہ ڪونہ مليو، ڇو تہ بيابان ڏانهن ڀڄندڙ بني اسرائيل پڻ پنهنجو پيڇو ڪندڙن تي حملو ڪرڻ لاءِ پوئتي ڦري پيا.


اهي هن شهر جي سڙڻ جو دونهون ڏسي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”ڇا ڪڏهن ڪو هن جهڙو وڏو شهر هو؟“


ڌرتيءَ جي جن بادشاهن ساڻس زناڪاري پئي ڪئي ۽ عيش عشرت ڪندا ٿي رهيا، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا تہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.


پهرئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.


بني اسرائيل جي ماڻهن لڪي ويٺل ماڻهن سان اها نشاني مقرر ڪري ڇڏي هئي تہ هو شهر مان هڪ وڏو دونهين جو ڪڪر مٿي چاڙهيندا،


پر جڏهن شهر مان دونهين جو ٿنڀو ڪڪر جيان مٿي چڙهڻ لڳو، تڏهن بني بنيامين پٺتي نهاريو ۽ ڇا ڏٺائون تہ سڄي شهر مان دونهون آسمان تائين پيو چڙهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ