Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:29 - Muslim Sindhi Bible

29 بلڪ انهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجو روح ٻانهن توڙي ٻانهين تي بہ نازل ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ اُنهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجو روح ٻانهن ۽ ٻانهين تي اوتي وجهندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:29
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجو روح اوهان منجھہ وجھندس ۽ اوهان کان پنهنجي قاعدن قانونن جي پيروي ڪرائيندس. هائو، پوءِ اوهين منهنجي حڪمن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجھندس ۽ اوهين وري زندہ ٿي پوندا. آءٌ اوهان کي پنهنجي ئي وطن ۾ آباد ڪندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند جيڪو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪيو اٿم. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


جيتوڻيڪ اسين ڪي يهودي، ڪي غير يهودي، ڪي غلام تہ ڪي آزاد هئاسين، تہ بہ اسان سڀني کي هڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي هڪڙي بدن ٿيڻ لاءِ بپتسما ملي ۽ اهو هڪڙو ئي پاڪ روح اسان سڀني کي پيئاريو ويو.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻ‌طهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ