Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:28 - Muslim Sindhi Bible

28 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ کان پوءِ آءٌ سڀني ماڻهن تي پنهنجو روح نازل ڪندس، تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو پيغام ٻڌائڻ لڳندا. اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ رويائون ڏسڻ لڳندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ انهي کانپوءِ هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجو روح سڀني انسانن تي اوتي وجهندس؛ ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، اوهان جا ٻڍا ماڻهو خواب لهندا، ۽ اوهان جا جوان ماڻهو رويا ڏسندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:28
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي تنبيهہ تي ڌيان ڏيو. ڏسو، آءٌ اوهان کي عقلمنديءَ سان مالا مال ڪري ڇڏينديس ۽ اوهان کي پنهنجيون ڳالهيون سمجھائينديس.


اهو سڀ تيستائين ٿيندو رهندو، جيستائين خدا وري اسان تي پنهنجو پاڪ روح نازل ڪري. تڏهن بيڪار زمين سرسبز ٿي پوندي، ۽ سرسبز زمين ۾ بيحد جھجھا فصل ٿيندا.


پوءِ خداوند جو جلوو ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي قومون اهو ڏسنديون. هائو، خداوند پاڻ ائين فرمايو آهي.“


جهڙيءَ طرح آءٌ ڌرتيءَ تي برڪت نازل ڪندي انهيءَ جي سڪيءَ زمين تي نهرون وهايان ٿو، تهڙيءَ طرح آءٌ اوهان تي برڪت نازل ڪندي اوهان جي نسل تي پنهنجو حياتي بخشيندڙ روح نازل ڪندس.


جيڪي تو تي ظلم ٿا ڪن، تن کي آءٌ سندن ئي ماس کارائيندس. هائو، اهي مٺي مئي وانگر پنهنجو ئي رت پي مست ٿيندا. تڏهن هر بشر ڄاڻي وٺندو تہ آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو قادر خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ ۽ تنهنجو بچائيندڙ آهيان.“


هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


تنهنجي سڀني رهاڪن کي آءٌ پاڻ تعليم ڏيندس، ۽ کين خوشحالي ۽ امن وَ سلامتي عطا ڪندس.


منهنجي نالي ۾ هو جيڪو ڪوڙو پيغام ڏين ٿا سو مون ٻڌو آهي. هنن مان هر ڪو چوي ٿو تہ ’مون کي خواب ۾ خدا جو پيغام مليو آهي! مون کي رويا ملي آهي!‘


جنهن وٽ خواب آهن سو پنهنجي خوابن کي منهنجو پيغام نہ چوي، پر جنهن وٽ منهنجو پيغام آهي سو ايمانداريءَ سان منهنجو ٻڌايل پيغام ئي بيان ڪري. ڀلا اناج جي ڀيٽ ۾ بُهہ جي ڪهڙي اهميت آهي؟


آءٌ پنهنجو روح اوهان منجھہ وجھندس ۽ اوهان کان پنهنجي قاعدن قانونن جي پيروي ڪرائيندس. هائو، پوءِ اوهين منهنجي حڪمن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجھندس ۽ اوهين وري زندہ ٿي پوندا. آءٌ اوهان کي پنهنجي ئي وطن ۾ آباد ڪندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند جيڪو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪيو اٿم. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


آءٌ بني اسرائيل کان اڳتي ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجو روح انهيءَ قوم تي نازل ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس ۽ تو ۾ جيڪو روح آهي، تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ۾ وجھندس. پوءِ امت جو بار کڻڻ ۾ اهي تنهنجي مدد ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ تو اڪيلي کي اهو نہ کڻڻو پوي.


کين چيائين تہ ”هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند رويا ۾ انهيءَ تي ظاهر ٿيندس ۽ خواب ۾ انهيءَ سان ڳالهائيندس.


يحيٰ جو پيءُ زڪرياہ پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ اڳڪٿي ڪندي چوڻ لڳو تہ


تڏهن ئي سڄي انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“


هن اها ڳالهہ پاڪ روح بابت ٿي ڪئي، جيڪو انهن ماڻهن کي ملڻو هو جن مٿس ايمان آندو هو. پر انهن کي پاڪ روح اڃا نہ مليو هو، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.


هو پنهنجي پيءُ يعني خدا جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان واعدي ڪيل پاڪ روح وٺي هن اهو اسان تي نازل ڪيو آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


خدا جو پاڪ روح ڏيڻ جو اهو واعدو اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي خداوند، اسان جو خدا پاڻ ڏانهن سڏيندو.“


انهيءَ کي چار ڪنواريون ڌيئر هيون جيڪي خدا جو پيغام ڏينديون هيون.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


اڳئين زماني ۾ خدا اسان جي ابن ڏاڏن سان وقت بہ وقت ۽ مختلف طريقن سان نبين جي معرفت ڳالهايو.


تڏهن هن کيس پڪڙڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو موڪليا. پر جڏهن انهن اچي ڏٺو تہ نبين جي جماعت بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪري رهي آهي ۽ سموئيل سندن اڳواڻ بڻيو بيٺو آهي، تڏهن سائول جي ماڻهن تي بہ خدا جو روح نازل ٿيو ۽ اهي بہ بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا.


انهيءَ ڳالهہ جي جڏهن سائول کي خبر پيئي تڏهن هن ٻيا ماڻهو روانا ڪيا جيڪي بہ اچي بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا. وري هن ٽيون ڀيرو بہ پنهنجا ماڻهو موڪليا تہ اُهي بہ اچي بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا.


سو هن خداوند کان پڇيو، پر خداوند کيس ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي ۽ نہ ئي نبين جي وسيلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ