Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:26 - Muslim Sindhi Bible

26 پوءِ اوهين جھجھو کائيندا پيئندا ۽ ڍءُ ڪري مون خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي واکاڻ ڪندا، جنهن اوهان تي هيڏيون ساريون مهربانيون ڪيون آهن. هاڻي اي منهنجي قوم! اڳتي اوهين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ اوهين ججهو کائيندا ۽ ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي تعريف ڪندا، جنهن اوهان سان اهڙي عجيب هلت ڪئي آهي: ۽ منهنجي قوم ڪڏهن بہ شرمندي نہ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:26
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مهرباني ڪري منهنجي سوکڙي جيڪا توهان وٽ آندي ويئي آهي سا قبول ڪريو، ڇو تہ خدا مون تي فضل ڪيو آهي ۽ مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي.“ اهڙيءَ طرح يعقوب گھڻو زور ڪيس، سو عيسوءَ اها قبول ڪئي.


هنن قلعن وارن شهرن ۽ زرخيز زمين تي قبضو ڪيو، ۽ هر قسم جي سٺين شين سان ڀريل گھرن، کوٽيل کوهن، انگورن ۽ زيتونن جي باغن، توڙي بي‌شمار ميويدار وڻن تي قبضو ڪيائون. هنن ايترو تہ ڍءَ تي کاڌو پيتو جو ٿلها متارا ٿي پيا، هائو، تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي ڪري خوب مزا ماڻيائون.


هو ئي مون کي سڄي عمر دنيا جون سڀ چڱيون شيون عطا ڪري ٿو، تان‌تہ آءٌ نئين سر جوان ٿي طاقتور عقاب وانگر گذاريان.


خداوند مون تي ايڏو تہ احسان ڪيو آهي، جو مون کي وري ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي.


آءٌ پنهنجي خداوند جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان گھڻي ڀلائي ڪئي آهي.


غريب ماڻهو اهي کائي ڍءُ ڪندا، ۽ خداوند جا طالبو سندس تعريف ڪندا. شال انهن سڀني جون دليون سدائين زندہ رهن!


اهي خراب وقتن ۾ بہ ڪڏهن تڪليف نہ ڏسندا، بلڪ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ سدائين ڍاول رهندا.


اي خدا! شل ماڻهو تنهنجي تعريف ڪندا رهن! هائو، شل سڀيئي ماڻهو تنهنجي واکاڻ ڪندا رهن!


شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.


سچار ماڻهو جيترو بہ کائي ٿو تہ سندس ڍءُ ٿيو وڃي، جڏهن تہ بدڪار ماڻهو ڪيترو بہ کائي پر سدائين بکيو ٿو رهي.


اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! آءٌ پنهنجي هن باغ ۾ آيو آهيان، ۽ انهيءَ جي مُر ۽ مصالحن جي خوشبوءِ مان لطف پيو ماڻيان. آءٌ هن پنهنجي باغ جي ماناري مان ماکي کائي رهيو آهيان. آءٌ هن باغ جي مئي ۽ کير پي رهيو آهيان. اي پيار ڪرڻ وارؤ! خوب کائو ۽ پيئو، ايتري تائين جو پيار ۾ مدهوش ٿي وڃو.


اي خداوند! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو اهي عجيب وَ غريب ڪم بلڪل ساڳئي نموني پورا ڪري ڏيکاريا آهن، جيئن تو قديم زمانن کان رٿي ڇڏيا هئا.


تنهنڪري خداوند، بني اسرائيل جو خدا جنهن ابراهيم کي مصيبت مان ڇڏايو هو، سو بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! هاڻي اوهين وڌيڪ شرمندا نہ ٿيندا. نڪي اوهان کي خوار ڪيو ويندو.


پر بني اسرائيل کي خداوند بچايو آهي، بلڪ هميشہ جي لاءِ بچائي ورتو آهي. سو اهي ابد تائين ڪڏهن بہ پريشان يا خوار خراب نہ ٿيندا.


انهن جا بادشاهہ تنهنجي پٽن جا سنڀاليندڙ ابا ٿيندا، ۽ راڻيون تنهنجي ڌيئرن جون پاليندڙ مائرون ٿينديون. اهي گوڏن ڀر جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. هائو، اهي تنهنجي پيرن جي مٽي چٽيندا. تڏهن تون ڄاڻيندينءَ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ جيڪي مون تي ڀروسو ٿا ڪن، سي ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا.“


ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ تون وري شرمسار نہ ٿيندينءَ. پريشان نہ ٿيءُ، ڇوجو تون وري خوار نہ ٿيندينءَ، بلڪ تون پنهنجي جوانيءَ جي شرمندگي وساري ڇڏيندينءَ، ۽ پنهنجي رن‌زال هجڻ جو مِهڻو وري نہ ٻڌندينءَ.


جيڪا شيءِ صحيح کاڌي طور استعمال نہ ٿي ٿئي، تنهن لاءِ پنهنجو پئسو ڇو ٿا ضايع ڪريو؟ هائو، جنهن شيءِ مان ڍءُ نہ ٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪا چڱي شيءِ هجي سا کائو، ۽ عمدي کاڌي مان لذت حاصل ڪريو.


زمين اوهان کي پنهنجي پيداوار پيئي ڏيندي ۽ اوهين ڍءُ ڪري پيا کائيندا ۽ امن وَ امان سان پيا زندگي گذاريندا.


آءٌ اوهان جي روزيءَ جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ايتري قدر جو ڏهہ عورتون هڪڙي ئي تنور ۾ مانيون پچائي سگھنديون. اهي اوهان جي ماني اوهان کي توري‌تڪي ڏينديون. اوهين اهي سڀ کائي ويندا تہ بہ اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو.


اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهان جي اَن ڳاهڻ جو ڪم انگورن چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو ۽ انگورن چونڊڻ جو ڪم اناج پوکڻ تائين پيو هلندو. اوهين ڍءُ ڪري ماني کائيندا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي پيا گذاريندا.


اوهين کائيندا، پر اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو، بلڪ اوهان جو پيٽ بکيو ئي رهندو. اوهين ڪفايت ڪري ميڙيندا، پر اوهان وٽ بچندو ڪجھہ بہ ڪونہ. هائو، اوهان جي هر بچائي رکيل شيءِ آءٌ جنگ ۾ تباهہ ڪري ڇڏيندس.


اي يروشلم وارؤ! انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري، جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا وري خوار خراب نہ ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس، جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.


آءٌ قادر‌مطلق خداوند پنهنجي قوم جي حفاظت ڪندس. پوءِ هو پنهنجي دشمنن ۾ تباهي مچائي مٿن غالب ايندا. هائو، هو مئي پيئندڙن وانگر مست ٿي جنگ ۾ گجندا وتندا. جيئن قربان‌گاهہ تي قربانيءَ جي جانور جي وهندڙ رت مان ٿانءُ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندو آهي، تيئن هو دشمنن جو رت وهائيندا.


هنن جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جھجھي اناج ۽ مئي سان پلي وڏا ٿيندا. هائو، اهي ڪيڏا نہ خوشحال ۽ صحتمند هوندا!“


اهو پيغام سڀني لاءِ آهي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ بہ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڪ روح اسان کي عطا ڪيو ويو آهي، تنهن جي وسيلي خدا جي اسان سان محبت اسان جي دلين ۾ ڀري ويئي آهي.


اهو پٿر عيسيٰ آهي، جنهن بابت خدا پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“


اوهين کائي ڍءُ ڪندا. هو اوهان جي چوپائي مال لاءِ بہ اوهان جي ٻنين ۾ گاهہ اپائيندو.


اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئرون، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ مليو آهي، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


بلڪ اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئر، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن، سي سڀ اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهيءَ جاءِ تي کائجو، جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي ڪيل ڪمن بابت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ملهائجو.


اُتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو ۽ پنهنجي هٿن جي سڄي ڪمائي، جنهن ۾ خداوند اوهان جي خدا برڪت وڌي هجي، تنهن لاءِ پنهنجن گھراڻن سميت اوهين خوشيون ڪجو.


اوهين کائي ڍءُ ڪندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ عطا ڪرڻ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي واکاڻ ڪندا.“


جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


هاڻي اي پيارا ٻارؤ! مسيح ۾ قائم رهندا اچو تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي، تڏهن اسان کي اهو اعتماد هجي تہ سندس اچڻ مهل اسين هن جي اڳيان شرمندا نہ ٿينداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ