Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:23 - Muslim Sindhi Bible

23 اي صيئون جا رهاڪؤ! اوهين سرها ٿيو ۽ خوشيون ملهايو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان لاءِ گھڻو ڪجھہ ڪندس. آءٌ اوهان تي مندائتا مينهن وسائيندس. هائو، آءٌ اوهان جي لاءِ آڳاٽا توڙي پاڇاٽا مينهن هميشہ وانگر پوريءَ مند تي وسائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تڏهن اي بني صيون اوهين سرها ٿيو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي ڪري خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو هو اوهان کي آڳاٽو مينهن پوري انداز ۾ ڏئي ٿو، ۽ هو اوهان جي لاءِ مينهن وسائي ٿو، جهڙو اڳيون تهڙو پويون، جيئن اڳي هوندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:23
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ تون عرش عظيم ۾ انهن جي ٻڌج. تون پنهنجي ٻانهن يعني بني اسرائيل قوم جو گناهہ معاف ڪج. تون کين سڌي راهہ تي هلڻ سيکارج ۽ جيڪو ملڪ تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏنو آهي تنهن تي مينهن وسائج.


ان وقت بہ خدا پنهنجي هزارين فرشتن مان ڪو هڪڙو سندس مدد لاءِ موڪلي سگھي ٿو، جيڪو انسان کي صحيح راهہ بابت سمجھائي. هاڻي جيڪڏهن انسان سندس ڳالهہ مڃي ٿو


پوءِ خواہ سيکت جي لاءِ توڙي رحمت جي لاءِ، هو اهو حڪم بجا آڻين ٿا.“


شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي.


انهيءَ سبب جو هو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، ڌرتيءَ تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٽڪرن تي گاهہ اُڀاري ٿو.


بني اسرائيل پنهنجي خالق سان شاد رهن. هائو، صيئون جا رهاڪو پنهنجي انهيءَ بادشاهہ جي ڪري خوشيون ملهائين.


خداوند منهنجي طاقت آهي ۽ اهو ئي منهنجو محافظ آهي. مون هن تي توڪل ڪئي ۽ کانئس مون کي مدد ملي آهي، سو منهنجي دل ڏاڍي خوش آهي. هاڻ آءٌ سندس شڪراني جا گيت پيو ڳائيندس.


سو خداوند جي ڪم کان سرها ٿيو ۽ خوشي ڪريو. هائو، اوهين جيڪي دل جا سچا آهيو سي خوشيون ملهايو.


اهي زيارتي جڏهن ماتم نالي خشڪ واديءَ ۾ پهچن ٿا تہ انهيءَ مان بہ چشما وهي نڪرن ٿا، بلڪ آڳاٽو مينهن انهيءَ کي برڪتن سان ڀري ٿو ڇڏي.


بادشاهہ جي منهن تي سرهائي ماڻهن لاءِ زندگيءَ جي علامت آهي. هائو، هن جي مهربانيءَ جي نظر بهار ۾ برسات وسائيندڙ بادل جيان آهي.


هائو، جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي مڙڻ چاهيندا، تہ اوهان کي پنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو تہ ”سڌو رستو هي آهي، اوهين انهيءَ تي هلو.“


خداوند اوهان جي ٻنين ۾ پوکيل ٻج کي پاڻي ڏيڻ لاءِ مينهن وسائيندو ۽ ٻنيءَ جي فصل مان اوهان کي عمدو ۽ جھجھو رزق عطا ڪندو. انهيءَ وقت اوهان جو چوپايو مال ڪشادين چراگاهن ۾ چرندو.


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس، ۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي. انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي، يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي، تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي، ۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.


اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي، ۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو. انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي، ۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.


هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي، جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو ۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.


آہ! صيئون جا رهاڪو، جيڪي تمام نج سون کان بہ وڌ هئا، سي ڪيئن نہ هاڻ ڪنڀر جي هٿان ٺهيل ٺڪر جي ٿانون جهڙا ٿي پيا آهن.


آءٌ مندائتو مينهن موڪلي پنهنجي پاڪ جبل جي چوڌاري زمين بلڪ سڀني جاين کي پنهنجي برڪتن سان نوازيندس. هائو، زمين تي برڪتون ئي برڪتون ٿي وينديون.


اچو تہ خداوند سان رابطو رکي سندس وڌ کان وڌ طالبو ٿيون، هائو، هو يقيناً اسان وٽ ايندو، جيئن روزانو صبح جو سج نڪري ٿو. هو برسات وانگر اسان وٽ اچي ڪڙڪندو، هائو، بهار جي برسات وانگر، جيڪا زمين کي ريج ڏيو ڇڏي.


تہ آءٌ اوهان جي لاءِ مندائتا مينهن وسائيندس، جنهن سان زمين پنهنجي پيداوار ڏيندي ۽ باغن جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا.


جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.


بهار جي مند ۾ مينهن لاءِ خداوند کان ئي دعا گھرو تہ اهو مينهن وسائي. هائو، اهو جيڪو کِنوڻ جا چمڪاٽ ٿو ڪري، جيڪو هر ڪنهن کي جھجھو مينهن ٿو ڏئي، ۽ جيڪو هر ٻنيءَ مان گاهہ ٿو اڀاري، سو ئي اهو خداوند آهي.


اسرائيل وارا جنگي جوڌا ٿيندا، ۽ انهن جون دليون مئي پيئندڙن وانگر خوش هونديون. اهي ڳالهيون ياد ڪري سندن اولاد بہ سرهو ٿيندو، ۽ سندن دليون بہ مون خداوند جا هئڻ ڪري خوش هونديون.


انهيءَ لاءِ آءٌ اوهان يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي پنهنجي تيرڪمان جيان جنگ ۾ استعمال ڪندس. هائو، اي صيئون وارؤ! آءٌ اوهان جي جنگي جوڌن کي اٿاري کڙو ڪندس، ۽ يونان جي لشڪر خلاف پنهنجي تلوار جيان استعمال ڪندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.


تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“


تہ هو اوهان جي ملڪ ۾ پوري وقت تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجو اناج، پنهنجي مئي ۽ پنهنجو زيتون جو تيل حاصل ڪري سگھو.


خداوند اوهان جي لاءِ پنهنجين چڱين شين جي خزاني يعني آسمان کي کولي اوهان جي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ اوهان کي برڪت ڏيندو. اوهين گھڻين ئي قومن کي قرض ڏيندا پر پاڻ ڪنهن کان بہ قرض نہ کڻندا.


جهڙيءَ طرح ڪچن ٻوٽن تي وسڪارو ٿيندو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تعليم برسات وانگر پيئي وسندي. هائو، جهڙيءَ طرح سنهي گاهہ تي ڦُڙڦُڙ پوندي آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي تقرير ماڪ جيان پيئي پوندي.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري اوهين خوش رهو. ساڳيون ڳالهيون اوهان ڏانهن بار بار لکندي مون کي ڪابہ تڪليف ڪونہ ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي حفاظت لاءِ آهي.


ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.


خداوند عيسيٰ ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ