Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:20 - Muslim Sindhi Bible

20 آءٌ اتر کان حملي لاءِ ايندڙ وڏي لشڪر کي اوهان کان پري تڙي ڇڏيندس. آءٌ کين خشڪ بيابان ڏانهن ڀڄائي ڪڍندس. لشڪر جو اڳ وارو حصو کاري سمنڊ ۾، ۽ انهيءَ جو پٺ وارو حصو ڀونوچ سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. انهن جي لاشن مان ڌپ ۽ بدبوءِ ڦهلجي ويندي. آءٌ انهن کي اهڙيءَ طرح تباهہ ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي وڏو نقصان ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر آءٌ اُنهيءَ اُتر واري لشڪر کي اوهان کان پري ڪڍي ڇڏيندس، ۽ هن کي هڪڙي ويران ۽ غير آباد زمين ۾ هڪالي ڪڍندس: هن جو اڳ وارو ڀاڱو اُڀرندي واري سمنڊ ۾ هوندو، ۽ هن جو پٺ وارو ڀاڱو اُلهندي واري سمنڊ ۾؛ ۽ هن جي ڌپ چڙهندي ۽ هن جي بدبوءِ اُٿندي، ڇالاءِ جو هن وڏي گستاخي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن حزائيل کيس چيو تہ ”آءٌ اوهان جو ٻانهو تہ خسيس ماڻهو آهيان، سو آءٌ ايڏو ڪم ڪيئن ڪري سگھندس؟“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ تون ارام جو بادشاهہ ٿيندين.“


بيشڪ خداوند اسان جي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، سو اسان کي بيحد خوشي ٿي آهي!


پوءِ خداوند اولهہ کان تمام تيز واءُ گھلايو، جنهن ماڪڙ کي اڏاري کڻي وڃي ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڌو. اهڙيءَ طرح مصر جي سڄي ملڪ ۾ هڪڙو مڪڙ بہ باقي نہ رهيو.


ماڻهن اُهي ميڙي کڻي ڍير ڪري ڇڏيا، تہ بہ زمين مان بدبوءِ ٿي آئي.


انهن جا قتل ٿيل دفن نہ ٿيندا بلڪ ڦٽا ڪيا ويندا، سندن لاشن مان بدبوءِ نڪرندي. انهن جو رت جبلن تان وهي هلندو.


اوڀر طرف واري سرحد حوران ۽ دمشق جي وچ واري هنڌ کان ڏکڻ طرف ويندي اردن درياءَ تائين پهچندي. اتان اردن درياءُ خود سرحد ٿيندو جنهن جي اوڀر ۾ جِلعاد علائقو ۽ اولهہ ۾ بني اسرائيل جو ملڪ آهي. سو اوڀر طرف واري سرحد اتر واري حد کان وٺي کاري سمنڊ کان گذرندي ڏکڻ طرف تمر نالي جاءِ تائين هوندي.


مون اوهان ۾ وبا موڪلي، جهڙيءَ طرح مصر ۾ موڪلي هئم. اوهان جي جوانن کي جنگ ۾ تلوار سان قتل ڪرايم، اوهان جا گھوڙا اوهان کان کسيم، ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ ۾ لاشن جي بدبوءِ اوهان جي ناسن تائين آندم. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


انهيءَ ڏينهن يروشلم مان آبِ‌حيات جو چشمو وهي نڪرندو، جنهن جو اڌ اوڀر طرف کاري سمنڊ ڏانهن وهندو ۽ اڌ اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ ڏانهن. اهو چشمو اونهاري توڙي سياري وهندو رهندو.


آءٌ اوهان جي خاطر ماڪڙ کي اوهان جي زمين جي پيدائش برباد ڪرڻ نہ ڏيندس، نڪي وري اوهان جي انگورن جو ڦر ڪچو زمين تي ڪرندو.


هر اها جاءِ جتي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي، سا اوهان جي ٿيندي. اوهان جي سرحد ڏکڻ طرف بيابان کان وٺي اتر طرف لبنان جي جبلن تائين ۽ اوڀر ۾ وڏي ندي فرات کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ