Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:19 - Muslim Sindhi Bible

19 سندن گھريل دعائن جي جواب ۾ فرمايو تہ ”ڏسو، آءٌ جھجھو اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل عطا ڪري اوهان کي خوشحال بڻائيندس. آئيندہ لاءِ آءٌ غير قومن هٿان اوهان جي توهين ٿيڻ نہ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ خداوند ورندي ڏيئي پنهنجي قوم کي چيو، تہ ڏسو آءٌ اوهان ڏي اَن ۽ شراب ۽ تيل موڪليندس، ۽ اُنهن سان اوهين ڍاپي پوندا: ۽ آءٌ اڳتي وري اوهان کي قومن ۾ خوار نہ ڪندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:19
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هو ايندا، ۽ صيئون جبل جي چوٽيءَ تي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، ڇوجو منهنجي ڏنل هنن نعمتن جي ڪري بيحد خوش هوندا: اناج، مئي، زيتون جو تيل، رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جا ڌڻ. هو سرسبز باغ جيان ٿيندا ۽ کين وري ڏک نہ پهچندو.


آءٌ سندن ٻنين ۾ تمام جھجھا فصل اپائيندس، تنهنڪري هو وري ڪڏهن بہ ڏڪار سبب نہ مرندا ۽ نہ وري غير قومن جا ڪي طعنا سهندا.


اڳتي وري ڪڏهن بہ اوهان کي غير قومن جا طعنا سهڻا نہ پوندا، نڪي اوهان جي سر تي انهن جي ملامت پوندي. هائو، اوهان تي اڳتي وري ڪڏهن بہ منهنجي قوم جا ٻار نہ ماريا ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


آءٌ اوهان کي هر قسم جي پليتيءَ کان پري رکندس. آءٌ اناج کي حڪم ڪندس تہ اهو اوهان جي ٻنين ۾ تمام گھڻي انداز ۾ پيدا ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان ۾ وري ڪڏهن ڏڪار نہ پوي.


هائو، غير قومن آڏو اوهان کي کاڌو نہ هئڻ واري شرمندگي ڏسڻي نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا وڻ ميوي سان ڀريل هوندا ۽ اوهان جون ٻنيون جھجھا فصل اُپائينديون.


آءٌ بني اسرائيل کان اڳتي ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجو روح انهيءَ قوم تي نازل ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ آءٌ سندس انگورن جا باغ کيس موٽائي ڏيندس، ۽ ڏک جي ماٿريءَ کي پڻ هن لاءِ اميد جو گذرگاهہ بڻائيندس. تڏهن هوءَ اتي جوانيءَ جي ڏينهن وانگر مون کي موٽ ڏيندي، جيئن مصر جي ملڪ منجھان نڪرڻ وقت هن مون سان پيار ڪيو هو.


انهيءَ ڏينهن آءٌ تو يزرعيل جون گھريل دعائون ٻڌندس، هائو، آءٌ آسمان کي حڪم ڪندس، تہ اهو زمين تي برسات جو وسڪارو ڪري. تڏهن زمين اناج، انگورن ۽ زيتونن جو جھجھو فصل اُپائيندي.


ٻنيون ويران ٿي ويون آهن، بلڪ سڄو ملڪ تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي. هائو، اناج، انگور ۽ زيتون سڪي سڙي ويا آهن.


ايتري قدر جو اوهان جا ڳاهڻ وارا پِڙ اناج سان ڀرجي ويندا، ۽ حوض مئي ۽ زيتون جي تيل سان ٽمٽار ٿي اُٿلي پوندا.


اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهان جي اَن ڳاهڻ جو ڪم انگورن چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو ۽ انگورن چونڊڻ جو ڪم اناج پوکڻ تائين پيو هلندو. اوهين ڍءُ ڪري ماني کائيندا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي پيا گذاريندا.


اڳتي امن وَ سلامتيءَ سان پوک ڪئي ويندي، انگورن جون وليون پنهنجو ڦر جھلينديون، زمينن ۾ فصل ٿيندا ۽ آسمان مان برسات پوندي. آءٌ اوهان باقي بچيلن کي اهي سڀ شيون ورثي طور عطا ڪندس.


پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


تہ هو اوهان جي ملڪ ۾ پوري وقت تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجو اناج، پنهنجي مئي ۽ پنهنجو زيتون جو تيل حاصل ڪري سگھو.


ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ جڏهن نعوميہ موآب ملڪ ۾ ٻڌو تہ خداوند سندس قوم کي سٺو فصل ڏيئي کين برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هوءَ پنهنجي ٻنهي ننهن سميت موٽي اوڏانهن رواني ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ