Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هائو، سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪري کين پاڪ گڏجاڻيءَ لاءِ تيار ڪريو. وڏي عمر وارن کان وٺي کير پياڪ معصومن تائين سڀني کي آڻي گڏ ڪريو. ايتري قدر جو نوان گھوٽ ڪنوار بہ پنهنجي ڪوٺيءَ کي ڇڏي ضرور اچي حاضر ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ماڻهو ميڙيو، جماعت خاص طرح مقرر ڪريو، بزرگن کي گڏ ڪريو؛ ٻار ۽ کير پياڪ معصوم گڏ ڪريو: ڀلي گهوٽ پنهنجي ڪوٺيءَ مان، ۽ ڪنوار پنهنجي خلوت مان نڪري اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:16
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ ملڪ جا سڀيئي ماڻهو پنهنجي زالن ۽ ٻارن سميت هيڪل آڏو خداوند جي حضور ۾ بيٺا رهيا.


کين چيو تہ ”هاڻي اسان کي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گھر کي وري مخصوص ڪرڻو آهي. سو اي لاويؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. هاڻ اوهين پنهنجو پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ انهيءَ مقدس هيڪل مان سموري گندگي ڪڍي ڇڏيو.


جيئن تہ ميڙ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا جن پاڻ کي پاڪ نہ ڪيو هو، تنهنڪري لاوين انهن جي پاران خداوند لاءِ عيد فصح جون قربانيون ذبح ڪيون، تہ جيئن اهي قربانيون خداوند وٽ قبول پون.


جيڪي تو خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جا پنهنجي دل وَ جان سان طالبو آهن، توڙي جو اهي هيڪل جي قانونن موجب پاڪ نہ ٿيا هجن.“


انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيد فصح جون قربانيون ذبح ڪندا. سو اڳ ۾ پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ پنهنجي قوم وارن لاءِ جانور تيار ڪريو، تہ جيئن خداوند موسيٰ جي معرفت جيڪو فرمايو آهي تنهن موجب عمل ڪريو.“


سندن دعوت جي ختم ٿيڻ تي ايوب انهن کي سڏائي پاڪ ڪندو هو. هو صبح جو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار مطابق ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس خيال هو تہ ”متان منهنجي اولاد ڪو گناهہ ڪيو هجي ۽ پنهنجين دلين ۾ خدا لاءِ ڪفر بڪيو هجائون.“ اهو ايوب جو هميشہ جو دستور هو.


جيڪو صبح جو گھوٽ جيان پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪري ٿو، ۽ هڪ پرجوش جوان جيان گوءِ ۾ ڊوڙڻ لاءِ تيار ٿو ٿئي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي وڌيڪ فرمايو تہ ”ماڻهن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ اهي اڄ ۽ سڀاڻي پاڻ کي پاڪ ڪن. هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن.


موسيٰ ماڻهن کي هي بہ چيو تہ ”ٽئين ڏينهن تائين تيار ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪوبہ ماڻهو عورت جي ويجھو نہ وڃي.“


مذهبي اڳواڻ بہ، جيڪي مون وٽ اچن ٿا سي پاڻ کي پاڪ ڪن، تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ مٿن اچي ڪڙڪان.“


اوهين ملڪ جي اڳواڻن بلڪ سڀني رهاڪن کي خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل وٽ گڏ ڪريو. سڀني کي خاص روزي رکڻ جي هدايت ڪريو، ۽ خداوند آڏو اوهين سڀيئي عاجزيءَ سان ٻاڏايو.


تنهنڪري انهن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي.‘“


تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ روزا رکندا.


اوهين هڪٻئي کي حق ادائيءَ کان محروم نہ ڪريو، پر ڀلي هڪٻئي جي رضامنديءَ سان هڪ مقرر وقت لاءِ پرهيز ڪريو، تہ جيئن اوهين دعا گھرڻ ۾ پوريءَ طرح مصروف رهو. پوءِ وري پاڻ ۾ ملو، ڇو تہ متان اوهان جي نفساني برداشت جي گھٽتائيءَ سبب شيطان اوهان کي برغلائي وجھي.


سو تون اُٿ ۽ وڃي ماڻهن کي پاڪ ڪر. کين چئُہ تہ سڀاڻي منهنجي اڳيان اچڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪن. آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا هيئن چوان ٿو تہ ’اي بني اسرائيل! اوهان وٽ فنا ڪرڻ لاءِ ڪي مخصوص شيون آهن. جيستائين اوهين اهي پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي ڪين سگھندا.‘


سو جن ڳالهين جو موسيٰ حڪم ڏنو هو، تن مان هڪڙي بہ ڳالهہ اهڙي نہ رهي جيڪا يشوع بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم اڳيان نہ پڙهي هجي. اتي عورتون، ٻار ۽ قوم ۾ رهندڙ ڌاريا بہ موجود هئا.


هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ خير سان آيو آهيان. آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني پيش ڪرڻ آيو آهيان. سو اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ مون سان گڏ قرباني ڪرڻ هلو.“ اهڙيءَ طرح هن يسيءَ ۽ سندس پٽن کي بہ پاڪ ڪرايو ۽ کين قربانيءَ جي دعوت ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ