Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي پهريدارؤ! اوهين خدا جي پاڪ جبل صيئون ۾ جنگ جي نفيل وڄائي خوف جي خبر ٻڌايو. هائو، يهوداہ ملڪ جي سڀني رهاڪن کي ڊيڄاري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي عدالت وارو ڏينهن بلڪل ويجھو اچي پهتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 2:1
53 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو خوشيءَ وچان نعرا هڻندي ۽ نفيلون، شرنايون، ٽليون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي خداوند جي عهد واري صندوق يروشلم ۾ کڻي آيا.


اي خداوند! تنهنجي خوف کان منهنجا لڱ ڪانڊارجن ٿا، آءٌ تنهنجي فيصلن کان ڊڄندو رهان ٿو.


خداوند پنهنجو شهر پاڪ جبل صيئون تي اَڏايو آهي.


ماڪڙ وڏي ولر جي صورت ۾ آئي ۽ سڄي مصر ملڪ مٿان ڇانئجي ويئي. اها ايتري تہ بي‌شمار هئي جو اهڙي ماڪڙ نڪي انهيءَ کان اڳي ڪڏهن آئي هئي ۽ نڪي ان کان پوءِ ايندي.


هاڻي اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا وارو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي. اهو ڏينهن قادرِمطلق طرفان تباهيءَ وارو ڏينهن هوندو.


ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، اهو غضب ۽ قهر جي ڀڙڪڻ وارو بي‌رحم ڏينهن هوندو، انهيءَ لاءِ تہ ڌرتيءَ کي ويران ڪري ڇڏي، ۽ سڀني گنهگارن کي ناس ڪري ڇڏي.


بيشڪ قادرِمطلق پنهنجي مقرر ڪيل ڏينهن تي، سڀني مغرورن، اوچي ڳاٽ وارن ۽ وڏائي خورن تي اچي ڪڙڪندو ۽ کين هيٺ ڪيرائي وجھندو.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


جيڪي خداوند کان ڊڄندي سندس تابعداري ٿا ڪن، تن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيئن تہ اوهين مون سان وفادار آهيو، تنهنڪري اوهان جا ڪي پنهنجا ماڻهو اوهان کان نفرت ٿا ڪن، ۽ اوهان کي برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. اهي اوهان تي ٺٺوليون ڪندي چون ٿا تہ ’ڀلي تہ خداوند پنهنجي قدرت ڏيکاري اوهان کي بچائي. اسين بہ ڏسون تہ هو ڪيئن ٿو اوهان کي خوشي ڏئي.‘ بيشڪ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا سخت خوار خراب ٿيندا.


جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي ڳالهيون ٻڌائين ۽ هو تو کان پڇن تہ ’ڇو خداوند هيڏي ساري مصيبت اسان تي آندي آهي؟ اسان ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي؟ اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟‘


سوڳوارن کي سندن مئلن جي تسليءَ واسطي ڪوبہ ويلو نہ کارائيندو، نہ وري سندن پيءُ ماءُ جي غم ۾ ڪو تسلي ڏيندي کين پاڻيءَ ڍڪ ئي پيئاريندو.


يروشلم ۾ بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ اعلان ڪرايو وڃي، هائو، پڙها ڏياري ۽ نفيلون وڄائي وڏي واڪي پڪاريو وڃي تہ ”اچو تہ گڏجي ڪوٽ وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون.“


اوهين مون خداوند کان ڇو نہ ٿا ڊڄو؟ اوهين منهنجي سامهون ڇو نہ ٿا ڏڪو؟ مون سمنڊ کي واريءَ جو ڪنارو ڏنو آهي. اهو اهڙو تہ مستقل ڪنارو آهي، جنهن کان هو ٽپي نہ ٿو سگھي. ان جون ڇوليون ڀل اٿلون کائين، پر اُهي ڪناري کان ٽپي نہ ٿيون سگھن، اُهي ڀل تہ گجگوڙون ڪن پر ان کي اورانگھي نہ ٿيون سگھن.


تنهنڪري هاڻي تون انهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ مون خداوند خدا جو فرمان آهي تہ آءٌ اها چوڻي ختم ڪرائي ڇڏيندس. اها اڳتي وري بني اسرائيل ۾ پهاڪي طور ڪم نہ ايندي. انهيءَ جي بدران تون کين چئُہ تہ ’اهي ڏينهن اچي پهتا آهن جو هر اڳڪٿي سچي ثابت ٿيندي.‘


اي حزقي‌ايل! ڏک وچان آهون ۽ دانهون ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها تلوار منهنجيءَ قوم ۽ سندس سڀني اڳواڻن لاءِ ڪڍي ويئي آهي. هائو، اهي منهنجي باقي بچيل قوم وارن سان گڏ قتل ٿيڻ وارا آهن. تنهنڪري تون گوڏن تي هٿ هڻي واءِ‌ويلا ڪر.


هائو، مون خداوند جو اهو ڏينهن ويجھو اچي پهتو آهي، جڏهن آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس. اهو هڪڙو اونداهو ۽ سڀني قومن لاءِ مصيبتن جو وقت هوندو.


پوءِ اهو نگهبان جڏهن دشمنن کي ويجھو ايندي ڏسندو تڏهن ماڻهن کي خبردار ڪرڻ لاءِ نفيل وڄائيندو.


پر فرض ڪريو تہ انهيءَ نگهباني ڪندڙ شخص دشمنن کي ايندو ڏسي نفيل نہ وڄائي ۽ ماڻهن کي خبردار نہ ڪيو. پوءِ جيڪڏهن دشمنن اچي انهن مان ڪنهن هڪ کي بہ قتل ڪري ڇڏيو، توڙي جو اهو پنهنجي بدڪاريءَ جي ڪري قتل ٿيو، تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند انهيءَ جي خون جو ذميوار انهيءَ نگهبان کي بڻائيندس.


ڏسو، اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي. اوهان جي بدبختي اچي اوهان جي دروازي تي بيٺي آهي، ڇاڪاڻ تہ ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي، ۽ مغروري چوٽ چڙهي ويئي آهي.


وقت اچي پهتو آهي، اهو ڏينهن ويجھو ايندو پيو وڃي. سو نہ خريد ڪندڙ خوشي ڪري، نہ وڪڻندڙ غمگين ٿئي، ڇاڪاڻ تہ مون خدا جو غضب سڀني تي هڪجهڙو اچي ڪڙڪندو.


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن. هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي. هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.


اي رب! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي سچائيءَ سان ڪيل ڪمن موجب، پنهنجي ڪاوڙ، پنهنجو قهر يروشلم جي شهر تان يعني پنهنجي پاڪ جبل صيئون تان ٽاري ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گناهن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي ڪري يروشلم ۽ تنهنجي قوم پنهنجي سڀني آس‌پاس وارن جي طعنن جو سبب بڻي آهي.


مون دانيال اهو سڀ ڳالهايو پئي ۽ دعا گھري پنهنجا ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جا گناهہ قبول پئي ڪيا ۽ پنهنجي خدا جي پاڪ شهر يروشلم جي بحاليءَ واسطي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور عرض پئي ڪيم.


جِبعت ۾ جنگ جون نفيلون وڄايو، ۽ رامہ ۾ پڻ توتارا وڄايو، بيت‌ايل ۾ هيئن اعلان ڪريو تہ ”اي بنيامين وارؤ! اوهين خبردار ٿيو.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”نفيل وڄائي اعلان ڪيو وڃي، ڇوجو اسرائيل جو دشمن مون خداوند جي چونڊيل ملڪ مٿان باز جيان لامارا ٿو ڏئي. انهيءَ لاءِ جو منهنجي قوم مون سان ٻڌل عهد ٽوڙيو آهي، ۽ منهنجي شريعت جي خلاف هليا آهن.


اهو ڏينهن اچي پهتو آهي، ۽ قادرِمطلق ڪيڏي نہ وڏي مصيبت نازل ڪري رهيو آهي. آہ! اهو خداوند جو ڏينهن ڪيڏو نہ خوفناڪ آهي!


خداوند پاڻ پنهنجي انهن بي‌شمار ڪٽڪن جي اڳواڻي ڪندو، هائو، انهن لشڪرن جي جيڪي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪن ٿا. بيشڪ خداوند جي عدالت جو ڏينهن ايڏو تہ هيبتناڪ آهي، جو ڪوبہ انهيءَ ڏينهن بيهي نہ سگھندو.


اي خداوند جا خدمتگار ڪاهنؤ! صيئون جبل تي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ نفيل وڄايو، تہ جيئن اهي اچي ڏک جي اظهار لاءِ خاص روزو رکن.


سج ڦري اونداهو ٿي پوندو، ۽ چنڊ ڦري رت جيان ڳاڙهو ٿي پوندو. اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند جي ظاهر ٿيڻ واري عظيم ۽ خوفناڪ ڏينهن جي اچڻ تي ٿيندو.


جڏهن عدالت واري انهيءَ ماٿريءَ ۾ هزارين بلڪ لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا. بيشڪ تڏهن خداوند انهن جي عدالت ڪندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.


ڀلا ڪنهن شهر ۾ جنگ جي نفيل وڄائي وڃي، تہ ماڻهو ڊڄي نہ ويندا ڇا؟ يا ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوي، تہ اها خداوند جي موڪليل نہ هوندي ڇا؟


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو. اوهين ڇو خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو؟ اهو تہ اونداهيءَ جو ڏينهن آهي، نہ روشنيءَ جو.


خداوند پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ پڪل ميون سان ڀريل هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان.“ تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم جو پڪل ميوي جيان پٽڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هاڻي آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن آءٌ خداوند سڀني قومن جي عدالت ڪندس. اي ادوم وارؤ! جيڪي ڪجھہ اوهان ٻين سان ڪيو آهي، سو ئي اوهان سان بہ ڪيو ويندو. هائو، اوهان جي انهيءَ عمل جو اوهان کان بدلو ورتو ويندو.


خداوند جو عدالت وارو ڏينهن ويجھو اچي ويو آهي، ويجھو هائو، تمام ويجھو، بلڪ اهو اچي پهتو آهي. ڪن ڏيئي ٻڌو! خداوند جي ڏينهن وارو شور. هائو، هڪ بهادر ماڻهو بہ زاروزار روئندو.


اهو ڏينهن قلعي وارن ۽ اوچن مورچن وارن شهرن جي خلاف جنگ جي نفيلن ۽ نعرن جو ڏينهن هوندو.


خداوند خدا جي آڏو ماٺ ڪري بيهہ، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو سزا ڏيڻ وارو ڏينهن ويجھو آيو آهي. هن يهوداہ وارن کي هڪڙي قربانيءَ طور تيار ڪيو آهي. هو کين سندن دشمن جي اڳيان پيش ڪندو، جيڪي کين کائي چٽ ڪري ڇڏيندا.


اي يروشلم وارؤ! انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري، جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا وري خوار خراب نہ ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس، جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.


اي يروشلم وارؤ! ڏسو، خداوند جو فيصلي وارو ڏينهن اچي ٿو. انهيءَ ڏينهن ڇا ٿيندو جو اوهان جا دشمن اوهان مان مال لٽي ڦري اوهان جي روبرو پاڻ ۾ ورهائيندا.


سو آءٌ يروشلم ۾ موٽي ايندس ۽ پنهنجي جبل صيئون تي اچي رهندس. پوءِ يروشلم وفادارن جو شهر سڏبو ۽ مون قادر‌مطلق خداوند جو جبل صيئون، پاڪ جبل سڏبو.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


”تون پنهنجي لاءِ گھڙيل چانديءَ جا ٻہ توتارا ٺهراءِ، تہ جيئن اهي قوم کي سڏڻ ۽ منزل جي کڄي هلڻ لاءِ ڪم ۾ آڻي سگھين.


جڏهن اهي ٻيئي وڄايا وڃن تڏهن سڄي قوم مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو تو وٽ اچي گڏ ٿئي.


يا وري بِگل جو آواز چٽو نہ هوندو تہ ڪير پاڻ کي جنگ جي لاءِ تيار ڪندو؟


تنهنڪري اي منهنجا عزيزؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل ڇوٽڪاري جو مقصد پورو ٿئي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ائين اوچتو ايندو جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي.


اوهين بہ صبر ڪريو ۽ ثابت قدم رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند عيسيٰ جو اچڻ ويجھو آهي.


دنيا جي خاتمي جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين دعا گھرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.


ڇاڪاڻ تہ انهن جي غضب جو زوردار ڏينهن اچي پهتو آهي. هاڻ، انهن اڳيان ڪير ٿو بيهي سگھي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ