يوايل 1:9 - Muslim Sindhi Bible9 اناج توڙي مئي ختم ٿي ويئي آهي، سو اهي قربانين لاءِ هيڪل ۾ نہ ٿا آندا وڃن. خداوند جي آڏو قربانيون پيش نہ ٿيڻ ڪري ڪاهن روڄ راڙي ۾ پيا گذارين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني خداوند جي گهر کان وڍجي ويئي آهي؛ ڪاهن، جي خداوند جا خادم آهن، سي ماتم ڪندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهين ڌارين ملڪن ۾ هئڻ ڪري خداوند کي راضي ڪرڻ لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ قربانيون پيش ڪري نہ سگھندا. هائو، اوهين مئي جون قربانيون نہ اوتي سگھندا، نڪي وري جانورن جون قربانيون پيش ڪري سگھندا. اتي پيش ڪيل اوهان جون سڀيئي قربانيون پليت هونديون، جيئن اهو کاڌو پليت ٿي پوندو آهي، جنهن کاڌي کي ميت کي غسل ڏيڻ واري ڇهيو هجي. جيڪي بہ اهي قربانيون کائيندا سي سڀيئي پليت ٿي پوندا، اهو کاڌو رڳو اوهان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو.