Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 1:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سو اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ائين روئو رڙو، جيئن ڪا ڪنوار پنهنجي گھوٽ جي مرڻ تي کٿو ڍڪي روئندي رڙندي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اوهين اُنهيءَ ڪنواريءَ وانگي ماتم ڪريو جنهن پنهنجي جواني واري مڙس لاءِ کٿو ڍڪيو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 1:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوءَ شاديءَ واري وقت خدا آڏو ڪيل عهد اقرار کي وساري ٿي ڇڏي ۽ پنهنجي مڙس سان بي‌وفائي ٿي ڪري.


انهيءَ وقت خداوند، قادرِمطلق خدا اوهان کي روئڻ رڙڻ، ۽ سوڳ طور مٿي جا وار ڪوڙائڻ ۽ کٿو ڍڪڻ جو حڪم ڏنو.


سو اي آرام طلب عورتون! اوهين خوف وچان ڏڪو. اي لاپرواهہ عورتون! اوهين ڊپ وچان ڪنبڻ لڳو. هائو، اوهين پنهنجي بدن جا ڪپڙا ڦاڙي ڦٽا ڪريو، ۽ سوڳ ڪندي کٿا ڍڪيو.


پنهنجي اهڙيءَ حالت ۾ تون مون کي چوين ٿي تہ ’اي منهنجا ابا! تو منهنجي ننڍپڻ کان وٺي مون سان پيار ڪيو آهي.


صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


ڇا خدا اوهان ٻنهي کي انهيءَ واعدي موجب گڏجي هڪ بدن ۽ هڪ روح ٿيڻ لاءِ نہ چيو آهي؟ خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن اوهان مان اهڙا ٻار پيدا ٿين جيڪي خدا جا هجن. سو اوهان کي انهيءَ واعدي جي سنڀال ڪرڻي آهي.


هاڻ اي دولتمندؤ! اوهين ٻڌو، انهن مصيبتن جي ڪري روئو ۽ رڙو، جيڪي اوهان تي اچڻيون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ