Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يوايل 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اي ڪڙميؤ! اوهين ڏاڍا غمگين ٿي وڃو، اي انگورن جا باغبانؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچايو، ڇاڪاڻ تہ ڪڻڪ، جَوَ، بلڪ ٻنيءَ جو هر فصل چٽ ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 اي ڪڙمي، اوهين ڪڻڪ ۽ جَوَن جي لاءِ شرمندا ٿيندا، اي ڊاک جا باغبان، اوهين واويلا مچايو؛ ڇالاءِ جو ٻنيءَ جو فصل چٽ ٿي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يوايل 1:11
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيتوڻيڪ اوهان جا پوکيل ٻوٽا انهيءَ ڏينهن وڌي وڻ ٿي وڃن، ۽ صبح جو گل جھلين، تہ بہ اوهان کي انهيءَ مان ڪوبہ فصل نہ ملندو، اٽلندو اوهين ڏک ۽ سخت مصيبت ۾ مبتلا هوندا.


”يهوداہ جا رهاڪو روڄ راڙو ڪن ٿا. خشڪ ساليءَ سبب سندن شهرن تي ويراني ڇانيل آهي. هو ڪارا ڪپڙا پهريو خاڪ تي پيا آهن ۽ يروشلم مان دانهون ٿيون اٿن.


بابل ۾ ٻج پوکيندڙن توڙي لابارو ڪندڙن کي سڄي ملڪ مان چٽ ڪري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ منجھس ڪو فصل ئي نہ ٿئي. ظالم جي تلوار جي ڊپ کان هنن مان هر ڪو پرديسي پنهنجي پنهنجي قوم ڏانهن موٽ ڪندو. هائو، هر ڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويندو.“


مون خداوند کان پڇيو تہ ”ڇو اهو ملڪ برباد ٿيو ۽ سڪي سڙي اهڙو ٺوٺ ٿي ويو آهي جو ڪوبہ انهيءَ مان نہ ٿو لنگھي؟ ڪهڙو ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو اِها ڳالهہ سمجھي سگھي؟ اُهو ڪير آهي جنهن کي تو خداوند طرفان اها ڳالهہ سمجھائڻ سيکاريو ويو آهي؟“


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! اڳڪٿي ڪندي اعلان ڪر تہ آءٌ خداوند خدا هيئن ٿو چوان تہ ’اي مصر وارؤ! روئو ۽ رڙيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ دهشت وارو ڏينهن اچي رهيو آهي.


خداوند قادرِمطلق خدا ٿو فرمائي تہ ”سڀني چونڪن تي بلڪ سڀني گھٽين ۾ ’واءِ‌ويلا! واءِ‌ويلا!‘ پڪاريو ويندو. انهيءَ کان علاوہ نہ رڳو معاوضو وٺندڙ ماهر مرثياخوانن کي بلڪ هارين کي بہ ماتم ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو.


اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڪ روح اسان کي عطا ڪيو ويو آهي، تنهن جي وسيلي خدا جي اسان سان محبت اسان جي دلين ۾ ڀري ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ