8 اهو ئي آهي جيڪو اڪيلي سر آسمانن کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي ڇولين کي پنهنجي مٺ ۾ رکي ٿو.
8 جو اڪيلو ئي اڪيلو آسمان کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي لهرن تي سير ڪري ٿو.
شروعات ۾ خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو.
ٻين قومن جا سڀ معبود رڳو بيجان بت آهن، پر اهو خداوند ئي آهي جنهن آسمانن کي بڻايو آهي.
خدا پنهنجي ڦوڪ سان آسمانن کي زينت بخشي آهي. سندس ئي هٿ ازدها بلا کي چچري ڇڏيو آهي.
هن ئي آسمان کي چئني طرفن ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتيءَ کي خلا ۾ ٽنگي بيهاريو اٿس.
ان وقت ڇا تون آسمان ۾ آبهوا کي پکيڙڻ ۾ خدا جي مدد ڪري ٿو سگھين؟ هائو، انهيءَ آسمان ۾ جيڪو ٽامي جيان تپي باهہ ٿيل هجي.
مون انهيءَ کي چئي ڇڏيو تہ ’تون هيستائين ايندين، پر اڳتي نہ وڌندين، ۽ هتي تنهنجي طاقتور ڇولين جو زور ٽٽي پوندو.‘
اي ايوب! ڇا تون سمنڊ جي اونهائيءَ وارن چشمن ۾ ڪڏهن داخل ٿيو آهين؟ ڇا تون گَهري سمنڊ جي تري تي ڪڏهن گھميو آهين؟
خداوند جي حڪم سان سمورا آسمان بڻجي ويا. هن جي امر سان آسمانن جي سڄي خلقت پيدا ٿي ويئي.
تنهنجي واٽ سمنڊ جي وچان آهي، تنهنجو رستو وڏن بحرن مان آهي، توڙي تنهنجي پيرن جا ڪي بہ نشان نہ ٿا ڏسجن.
هي سڀ انهيءَ ئي جوڙيو آهي، جيڪو زمين وَ آسمان کان مٿي پنهنجي تخت تي ويٺو آهي. هيٺ زمين جا رهاڪو کيس ڪِولين جيترا ننڍڙا نظر اچن ٿا. هو اهو ئي آهي جيڪو آسمان کي پردي وانگر تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگر انهيءَ کي پکيڙي ٿو.
خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ
اي بني اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان جو خداوند ۽ بچائيندڙ آهيان. مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، بلڪ هر شيءِ جو خالق آءٌ خداوند ئي آهيان. آءٌ اڪيلو ئي آسمانن کي پکيڙڻ وارو ۽ ڌرتيءَ کي وڇائڻ وارو آهيان.
اوهان مون خداوند پنهنجي خالق کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن آسمان کي ڦهلايو ۽ زمين جو بنياد وڌو هو. اوهين سڄو ڏينهن انهن ظالمن جي غضب کان ڊڄندا ٿا رهو، جيڪي اوهان کي برباد ڪرڻ جون تياريون ٿا ڪن. پر هاڻي اڳتي انهن جو غضب اوهان جي ويجھو بہ ڪين ايندو،
(اوهين انهن کي ٻڌايو تہ اهي معبود، جن زمين ۽ آسمان پيدا نہ ڪيو آهي سي روءِزمين تان ناس ٿي ويندا).
خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.
بني اسرائيل بابت خداوند جو هي پيغام آهي. اهو خداوند، جنهن آسمان کي پکيڙيو آهي، زمين جو بنياد وڌو اٿس ۽ انسان جي اندر روح ڦوڪيو اٿس، سو فرمائي ٿو تہ
جڏهن شاگرد پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا.