6 هو ڌرتيءَ کي سندس بنياد کان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀا بہ ڏڪڻ ٿا لڳن.
6 جو زمين کي پنهنجي جاءِ تان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀ ڏڪن ٿا.
هن جي ڌمڪيءَ کان آسمان جا ٿنڀا بہ ڏڪي ۽ ڪنبي وڃن ٿا.
اي ٽڪريون ۽ جبلؤ! اوهان کي ڇا ٿيو؟ اوهان ۾ رڍن ٻڪرين وانگر ڇو ڦڙڦوٽ پيئي؟
اي ڌرتي! تون بہ ڏڪي ويندينءَ، جڏهن يعقوب جو خدا تو کي اچي ويجھو ٿيندو.
آءٌ ئي ائين ڪندس، هائو، آءٌ ئي جيڪو ڌرتيءَ جي بنيادن کي قائم ٿو رکان، جيتوڻيڪ اها پنهنجي سڀني رهاڪن سميت ڌُڏي ويئي آهي.
جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن ماڻهو سندس جلال جي تجليءَ ۽ غضب کان ڊڄي پهاڙن جي غارن ۽ کڏن کوٻن ۾ وڃي لڪندا.
جڏهن خداوند ڌرتيءَ وارن کي سزا ڏيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو، تڏهن اهي سندس غضب ۽ سندس جلال جي تجليءَ کان ڊڄي، ٽڪرن جي غارن ۽ پهاڙن جي وٿين ۾ وڃي لڪندا.
ڏسو، خداوند ڌرتيءَ کي خالي ۽ ويران ڪرڻ وارو آهي. هو انهيءَ کي اٿلائي اونڌو ڪندو، ۽ ان جي رهاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو.
جبلن ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ اهي ڏڪن ٿا پيا. ٽڪرين ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ اهي سڀ هيڏي هوڏي پيون لرزن.
انهن جي اچڻ سان ڌرتي ڌُڏي ويندي، ۽ آسمان ڏڪي ويندو. هنن آڏو سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ختم ٿي ويندي.
”تون يهوداہ جي گورنر زربابل کي منهنجو هي پيغام ڏي تہ آءٌ زمين وَ آسمان کي لوڏي ڇڏيندس.
آءٌ قادرِمطلق جلد هڪ دفعو وري زمين وَ آسمان کي ۽ بر وَ بحر کي لوڏي ڇڏيندس.
انهيءَ هستيءَ جڏهن سينا جبل تان ڳالهايو هو تہ زمين لڏي ويئي هئي. پر هاڻي هن فرمايو آهي تہ ”هڪڙو دفعو وري بہ آءٌ نہ رڳو زمين کي، بلڪ آسمان کي بہ لوڏي ڇڏيندس.“
تڏهن مون هڪڙو وڏو اڇو تخت ۽ انهيءَ تي ويٺل هستيءَ کي ڏٺو. انهيءَ جي موجود هئڻ ڪري زمين ۽ آسمان گم ٿي ويا ۽ وري نظر نہ آيا.
هو مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪچري جي ڍير مان ڪڍي کين شان وَ شوڪت سان شهزادن سان گڏ تخت تي ويهاري ٿو. هو اهو ئي خداوند آهي جنهن ڌرتيءَ جا ٿنڀا کوڙيا آهن، جن جي مٿان هن هي جهان قائم ڪيو آهي.