Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 9:4 - Muslim Sindhi Bible

4 خدا بيحد ڏاهو ۽ نهايت قدرت وارو آهي. ڪير آهي جيڪو سندس مقابلي ۾ اچي سلامت رهيو هجي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 هو دل ۾ ڏاهو آهي ۽ طاقت ۾ زوراور آهي: ڪنهن پاڻ کي هن جي سامهون سخت ڪيو آهي ۽ فتحياب ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 9:4
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند اسان سان گڏ آهي، هو اسان جو رهبر آهي. هن جا ڪاهن جنگي توتارا وڄائي اوهان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪندا. اي اسرائيل وارؤ! خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سوڀ نہ ماڻيندا.“


۽ وڏي آواز سان دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي خداوند، اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا! عرش عظيم ۾ تو کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ آهي. غير قومن جي سڀني ملڪن تي تون ئي تہ حڪمران آهين. بيشڪ قدرت ۽ طاقت تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. اهڙو ڪوبہ ناهي جيڪو تو آڏو بيهي سگھي.


ڪاش! هو تو کي پنهنجي حڪمت جا راز کولي ٻڌائي، جيڪا انساني سمجھہ کان تمام گھڻي مٿاهين آهي. پوءِ تون ڄاڻي سگھندين تہ تنهنجي گناهن جي ڀيٽ ۾ خدا تو سان ڪيتري نرمي ڪئي آهي.


پر سمجھي ڇڏيو تہ حقيقي ڏاهپ ۽ قدرت خدا وٽ ئي آهي، هائو، هدايت ۽ سمجھہ وٽس ئي آهي.


تڏهن ڇا خدا پنهنجي عظيم قدرت منهنجي خلاف استعمال ڪري ها؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هو منهنجي ٻڌي ها.


پر خدا پنهنجي طاقت سان اهڙن زورآورن کي برباد ڪيو ڇڏي، هائو، جڏهن هو اُٿي ٿو تہ بدڪارن کي ساهہ تي ڀروسو نہ ٿو رهي.


”حڪومت ۽ حشمت خدا کي ٿي جڳائي، جيڪو عرش عظيم ۾ امن وَ امان قائم رکي ٿو.


رڳو خدا ئي آهي، جيڪو انهيءَ جو رستو ڄاڻي ٿو، هو ئي انهيءَ جي گھر کان واقف آهي.


ياد رک، خدا قادر آهي، تنهن هوندي بہ هو ڪنهن کي حقير نہ ٿو ڄاڻي، ڇو تہ هو سمجھہ جي وڏي سگھہ رکندڙ آهي.


بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي.


انسان جي باطن منجھہ ڏاهپ ڪنهن رکي آهي؟ ۽ سندس دل کي سمجھہ ڪنهن عطا ڪئي آهي؟


ڪير پنهنجي عقل جي زور تي ڪڪرن جو شمار ڪري سگھي ٿو؟ ڪير آسماني ساندارن کي اٽلائي ٿو سگھي؟


ڇا تنهنجي بازن ۾ مون خدا جهڙي طاقت آهي؟ ڇا تون منهنجي آواز وانگر گجگوڙ ڪري ٿو سگھين؟


ڇا تون ان جي نڪ ۾ رسو وجھي ٿو سگھين، جو هو تو کي گھڻيون منٿون ميڙون ڪري تہ ’مون کي ڇڏي ڏي؟‘ يا ڇا ان جي ڄاڙيءَ ۾ آر سان سوراخ ڪري ٿو سگھين، جو هو تو کي رحم لاءِ ليلائي؟


جيڪڏهن مون کي معلوم ٿئي تہ خدا ائين ڪندو، تڏهن جيڪر مون کي تسلي ٿئي، ۽ هي دائمي ايذاءَ آءٌ خوشيءَ سان پيو سهان، ڇاڪاڻ تہ مون انهيءَ پاڪ هستيءَ جي ڳالهين جو ڪڏهن بہ انڪار ناهي ڪيو.


جيڪڏهن طاقت جي ڳالهہ آهي تہ بيشڪ هو ئي طاقتور آهي. جيڪڏهن انصاف جي ڳالهہ آهي تہ ڪير مون کي انهيءَ کان انصاف وٺي ڏيندو؟


اي خداوند! تو پنهنجي ڏاهپ سان جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن، سي ايتريون تہ گھڻيون آهن، جو سڄي ڌرتي تنهنجي مخلوق سان ڀرجي ويئي آهي.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جنهن ڏاهپ سان آسمانن کي جوڙيو آهي، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


تو پنهنجي وڏيءَ عظمت سان مخالفن کي برباد ڪيو، تو مٿن پنهنجو غضب نازل ڪيو، جنهن کين ائين ساڙي ڇڏيو جيئن بُهہ ساڙيو ويندو آهي.


فرعون جي پڇا ڪرڻ تي جڏهن کيس ٻڌايو ويو تہ ”بني اسرائيل جي مال مان هڪڙو بہ ڪونہ مئو آهي،“ تڏهن سندس دل سخت ٿي ويئي ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ نہ ڏنو.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو هميشہ خداوند کان ڊڄندو ٿو رهي، مگر جيڪو مغرور ۽ هٺيلو آهي سو برباديءَ کي وڃيو رسي.


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پنهنجي خالق سان مقابلو ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهي رڳو مٽيءَ مان جڙيل ٿانون مثل آهن. ڀلا مٽي ڪنڀر کان پڇندي ڇا تہ ”تون ڇا ٿو جوڙين؟“ يا سندس ٺاهيل ٿانءُ اها شڪايت ڪندو ڇا تہ سندس ٺاهيندڙ کيس ڪاريگريءَ سان نہ ٺاهيو آهي؟


مون خداوند اوهان جي لاءِ ڪوڙڪي اڏي هئي، جنهن ۾ اوهين ڦاٿا آهيو، ۽ انهيءَ جي اوهان کي خبر ئي نہ پئي. هائو، مون اوهان کي آڻي ڦاسايو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مون خداوند خلاف اُٿي کڙا ٿيا هئا.


چيو تہ ”شل خدا جو نالو ازل کان وٺي ابد تائين سڳورو هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي حڪمت ۽ قدرت وارو آهي.


خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو پر طاقت ۾ عظيم آهي، ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيندو. خداوند جي گھمڻ سان واچوڙا ۽ طوفان پيدا ٿين ٿا، ۽ ڪڪر سندس پيرن جي دَز مان ٺهن ٿا.


واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!


ڇا ائين ڪندي اسين خداوند جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ زورآور آهيون؟


۽ اسان ايمان وارن لاءِ هن جي قدرت ڪيڏي نہ بي‌انداز آهي. اها قدرت خدا جي ساڳي عظيم قدرت آهي


جيڪو هن تمام گھڻي انداز ۾ اسان تي نازل ڪيو آهي. خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان


خدا چاهيو ٿي تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي سندس طرح طرح جي حڪمت جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آسماني جاين ۾ آهن.


واکاڻ ٿي ڪجي انهيءَ قادر جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي طاقت موجب اسان جي دعا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ