34 پوءِ هو خدا جي لٺ مون تان پري ڪري، تہ جيئن سندس خوف مون کي وڌيڪ نہ ڊيڄاري.
34 ڀلي تہ هو پنهنجي لٺ مون تان پري ڪري، ۽ هنجو خوف مونکي نہ ڊڄاري:
پوءِ ڇا هن جو دٻدٻو اوهان کي ڊيڄاري نہ وجھندو؟ ڇا هن جو رعب اوهان تي ڪين ويهجي ويندو؟
تنهنڪري ئي آءٌ سندس حضور ۾ ڊڄان ٿو، ۽ انهيءَ تي ويچار ڪري ڏڪي ٿو وڃان.
جيئن تہ آءٌ خدا کان بيحد ڊنس ٿي تہ متان هو مون تي ڪا آفت نازل ڪري، تنهنڪري سندس جلال جي اڳيان ائين ڪرڻ جي مون ۾ همت نہ هئي.“
سو تون مون کان ڪو خوف نہ ڪر، نڪي ائين سمجھہ تہ آءٌ تو تي ڪو دٻاءُ رکندس.“
هائو، انهيءَ طوفان جي ڪري منهنجي دل ڏڪي ٿي، ايتري قدر جو سيني کان ٻاهر نڪتي ٿي اچي.
اي خداوند! تون مون کان پنهنجي آفت پري ڪر، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي هٿ جي چوٽ کان آءٌ تباهہ ٿيندو ٿو وڃان.
جڏهن تون بڇڙائيءَ تي ڇينڀي انسانن کي سيکت ڏين ٿو، تڏهن جيئن ڪينئان ماس کائي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن تون سندن پيارين شين کي ڳاري ساڙي ٿو ڇڏين. بيشڪ هر انسان رڳو ٻاڦ مثل آهي.
تہ پوءِ آءٌ سندن ڏوهن جي سزا کين لٺ سان ڏيندس. هائو، آءٌ سندن گناهن جي سزا کين چهبڪن سان ڏيندس.
تنهنجي غصي جي شدت کي ڪير ٿو ڄاڻي سگھي، جيستائين تنهنجو واجب خوف نہ ٿو ڪجي.