Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 9:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جيڪڏهن انسان ساڻس بحث ڪرڻ بہ چاهي، تہ سندس هڪ هزار ڳالهين مان هڪڙيءَ جو بہ جواب ڏيئي ڪين سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جيڪڏهن هن جي مرضي ساڻس وڙهڻ جي هوندي تہ هزار مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو بہ هن کي جواب ڏيئي نہ سگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 9:3
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

’اي خدا! مون کي ڏوهاري قرار نہ ڏي، مون کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙي سبب تون مون سان وڙهين ٿو؟


ڪير آهي جيڪو منهنجي مقدمي جي مخالفت ڪري سگھي؟ جيڪڏهن آءٌ غلط آهيان، تہ پوءِ ماٺ رهڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار آهيان.“


تون انهيءَ سان ڇو ٿو جھڳڙو ڪرين، تہ هو تو کي تنهنجي ڪنهن ڳالهہ جو جواب ڇو نہ ٿو ڏئي؟


خدا کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ئي ڪانهي، تہ هو انسان جي فيصلي لاءِ ڪنهن دنياوي عدالت وانگر کيس پنهنجي آڏو حاضر ٿيڻ واسطي ڪو خاص وقت مقرر ڪري.


”اي ايوب! ڇا مون قادرِمطلق سان اڃا تڪرار ڪندو رهندين، جو مون سان اعتراض جاري رکندو ٿو اچين؟ تون، جيڪو مون خدا سان بحث ٿو ڪرين، ڇا منهنجي ڳالهين جو جواب ڏيئي سگھندين؟“


هاڻي آءٌ ڪابہ ورندي ڪين ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي جيترو ڳالهائڻ کپندو هو، تنهن کان بہ وڌيڪ آءٌ اڳ ۾ ڳالهائي چڪو آهيان.“


پوءِ مون کي ڪهڙي طاقت آهي جو آءٌ ساڻس تڪرار ڪريان، ساڻس بحث ڪرڻ لاءِ لفظ ڪٿان آڻيان؟


جيتوڻيڪ آءٌ بي‌قصور آهيان، تہ بہ منهنجي زبان ئي مون کي قصوروار قرار ڏيندي. جيتوڻيڪ آءٌ بي‌گناهہ آهيان، تہ بہ اها مون کي گنهگار ثابت ڪندي.“


اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ.


آہ! مون کي لاتعداد تڪليفون چوڌاري وڪوڙي ويون آهن! منهنجا گناهہ مٿي جي وارن کان بہ وڌيڪ آهن، جن مون کي چوڌاري اهڙو تہ وڪوڙي ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجو رستو لهي نہ ٿو سگھان. سو منهنجي دل ٽُٽي پيئي آهي.


پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آهين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چئي سگھي ٿي تہ ”تو مون کي اهڙو ڇو خلقيو آهي؟“


جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ گناهہ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ