Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 9:16 - Muslim Sindhi Bible

16 جي کڻي خدا منهنجي معاملي کي پنهنجي عدالت ۾ هلائڻ لاءِ راضي بہ ٿئي، تہ بہ جيڪر آءٌ ويساهہ نہ ڪريان تہ هو ڪو منهنجي ٻڌندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 جي آءٌ کڻي سڏ ڪريان ها ۽ هو ورندي ڏئي ها؛ تہ بہ آءٌ جيڪر ويساهہ نہ ڪريان تہ ڪو هن منهنجو آواز ٻڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 9:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ خوشيءَ وچان انهن کي اڃا بہ اعتبار نہ پئي آيو ۽ هو تعجب ۾ ڀريل رهيا، تنهنڪري عيسيٰ چين تہ ”چڱو ڀلا، ڇا اوهان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟“


جڏهن خداوند صيئون جي خوشحاليءَ کي وري بحال ڪيو، تڏهن اسين اهڙا خوشحال ٿياسين ڄڻ تہ اهو ڪو خواب هو.


پوءِ مون پنهنجي انهيءَ مصيبت ۾ خداوند پنهنجي خدا کي مدد لاءِ پڪاريو هو، منهنجي انهيءَ آواز کي هن پنهنجي مقدس جاءِ ۾ ٻڌو، ائين منهنجو فرياد هن جي ڪنن تائين وڃي پهتو.


ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ جڏهن اهي نااميد ٿي ويندا هئا، تڏهن آءٌ اچي ساڻن ساٿ ڏيندو هئس، هائو، منهنجو مرڪندڙ چهرو سندن همت‌افزائي ڪندو هو.


جِدعون انهيءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! جيڪڏهن خداوند اسان سان آهي تہ پوءِ هي سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ٿيو آهي؟ هن جا اهي سڀ معجزا ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو هو تہ خداوند ڪيئن کين مصر مان هتي آندو؟ پر هاڻي تہ خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.“


پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي نااميديءَ ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو.


جيتوڻيڪ آءٌ بي‌قصور بہ آهيان، تہ بہ آءٌ کيس جواب ڏيئي نہ ٿو سگھان، آءٌ پنهنجي ان ڏوهاري قرار ڏيندڙ کي رحم لاءِ رڳو منٿ زاري ئي ڪري سگھان ٿو.


انهيءَ سبب جو هو تِر جيتري ڳالهہ لاءِ بہ مون کي چيڀاٽي ٿو ڇڏي، هائو، هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجا زخم وڌائي ٿو ڇڏي.


پوءِ پهريائين تون ڳالهاءِ، آءٌ تو کي ورندي ڏيندس، يا ڇڏ تہ پهريائين آءٌ ڳالهايان، پوءِ تون مون کي ورندي ڏي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ