Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 9:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جيڪڏهن هو ڪجھہ کسي وٺي تہ ڪير آهي جيڪو کيس روڪي سگھي؟ يا ڪنهن ۾ ايتري جرئت آهي جو کيس چوي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڏس، هو شڪار پڪڙي ٿو، ڪير هن کي روڪيندو؟ ڪير هن کي چوندو تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 9:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پنهنجي خالق سان مقابلو ٿا ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهي رڳو مٽيءَ مان جڙيل ٿانون مثل آهن. ڀلا مٽي ڪنڀر کان پڇندي ڇا تہ ”تون ڇا ٿو جوڙين؟“ يا سندس ٺاهيل ٿانءُ اها شڪايت ڪندو ڇا تہ سندس ٺاهيندڙ کيس ڪاريگريءَ سان نہ ٺاهيو آهي؟


جيڪڏهن خدا اچي تو کي قيد ڪري ڇڏي، ۽ تو کي گهلي عدالت ۾ آڻي تہ ڪير کيس روڪي ٿو سگھي؟


مگر هو پنهنجي ارادي تي قائم رهڻ وارو آهي، ڪوبہ کيس ڦيرائي نہ ٿو سگھي، جيڪي کيس وڻي ٿو، سو ئي ڪري ٿو.


اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”خداوند جي ارادي کي ڪير ٿو ڄاڻي سگھي؟ ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟


پر جيڪڏهن خدا انهن بدڪار حاڪمن کي ڪجھہ بہ نہ ڪري، تڏهن ڪير آهي جو مٿس الزام آڻي سگھي؟ يا جيڪڏهن هو غريبن کان منهن موڙي ڇڏي، تڏهن ڪير آهي جنهن کي سندس مدد حاصل ٿي سگھي؟ پر حقيقت ۾ هو ائين نہ ٿو ڪري، بلڪ هڪڙو ماڻهو هجي يا پوري قوم، سڀني تي هو هڪجهڙي حڪمراني ڪندو رهي ٿو.


ڇا مون کي اهو حق نہ آهي جو پنهنجي پئسي کي جيئن وڻي تيئن خرچ ڪريان؟ منهنجي سخاوت تي تو کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟‘“


ڌرتيءَ جو هر ڪو باشندو هن جي آڏو ڪين جهڙو آهي، آسماني مخلوق هجي توڙي ڌرتيءَ وارا، تن سان هو جيئن چاهي تيئن ڪري ٿو. ڪوبہ ناهي جيڪو سندس هٿ روڪي سگھي، نڪي وري ڪو اهڙو آهي، جيڪو هن کان پڇي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين پيو؟‘


”اي يهوداہ وارؤ! ڇا آءٌ اوهان سان اهڙو سلوڪ نہ ٿو ڪري سگھان جيئن هي ڪنڀر ڪري ٿو؟ ياد رکو، جيئن مٽي ڪنڀر جي هٿ ۾ آهي تيئن اوهين بہ منهنجي هٿ ۾ آهيو.


تون انهيءَ سان ڇو ٿو جھڳڙو ڪرين، تہ هو تو کي تنهنجي ڪنهن ڳالهہ جو جواب ڇو نہ ٿو ڏئي؟


خدا اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو خدا جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.


هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“


جيتوڻيڪ تون ڄاڻين ٿو تہ آءٌ قصوروار نہ آهيان، ۽ اهو بہ تہ تنهنجي هٿان مون کي ڪوبہ ڇڏائي نہ ٿو سگھي؟


بادشاهہ جو حڪم قانون جي حيثيت رکي ٿو. ڪير آهي جيڪو کيس چئي سگھي تہ ”تون هي ڇا ٿو ڪرين؟“


ياد رکو، اڄ بہ آءٌ اهو ئي خدا آهيان. اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي. ڪنهن کي طاقت آهي جيڪو منهنجي ڪم ۾ رڪاوٽ وجھي سگھي؟“


پر بادشاهہ ابي‌شيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! انهيءَ ڳالهہ ۾ اوهان جو ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ ’دائود تي لعنت ڪر.‘ تڏهن پوءِ ڪير آهي جو هن کي چوي تہ ’ائين ڇو ٿو ڪرين؟‘“


چوڻ لڳو تہ ”جڏهن آءٌ ماءُ جي پيٽان نڪتو هئس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين هئس. جڏهن آءٌ هن دنيا مان ويندس، تڏهن بہ آءٌ خالي هٿين ويندس. بيشڪ خداوند ئي ڏنو هو، هن ئي هاڻ موٽائي ورتو آهي، شال سندس نالو سڳورو هجي.“


ماڻهو تو کي انساني معاشري مان هڪالي ڪڍندا ۽ تون جھنگلي جانورن سان وڃي رهندين. تون ڍڳن وانگر گاهہ چرندين ۽ ائين تو تي ست سال گذري ويندا، ايستائين جو تون قبول ڪرين تہ ماڻهن جي بادشاهت تي خدا تعاليٰ ئي حڪمراني ڪري ٿو. هو جنهن کي چاهي تنهن کي حاڪميت عطا ڪري ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ