Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 8:8 - Muslim Sindhi Bible

8 گھڙي پلڪ لاءِ اڳين زمانن جي ڏاهپ بابت غور ويچار ڪري ڏس، ۽ ڄاڻي وٺ تہ اسان جي ابن ڏاڏن ڪهڙيون حقيقتون سکيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ڇالاءِ جو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اڳئين زماني کان پڇا ڪر، ۽ جيڪي هن جي ابن ڏاڏن ڳولي لڌو آهي تنهن تي عمل ڪر:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 8:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ رحبعام انهن ماڻهن سان صلاح ڪئي، جيڪي سندس پيءُ سليمان جي حياتيءَ ۾ سندس صلاحڪار هئا. هن کانئن پڇيو تہ ”هنن ماڻهن کي جواب ڏيڻ لاءِ اوهين مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟“


واہ! اوهين چئو ٿا تہ ڏاهپ پوڙهن ماڻهن ۾ ئي هوندي آهي، ۽ سمجھہ وڏي عمر وارن جي ئي ميراث آهي.


”ڏسو، منهنجي اکين هي سڀ ڪجھہ ڏٺو آهي، منهنجي ڪنن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي، ۽ آءٌ اهو سڀ سمجھان بہ ٿو.


گھڻا ئي اڇي مٿي وارا اسان جهڙي سوچ رکن ٿا، جن ۾ اهڙا پوڙها بہ آهن، جيڪي تنهنجي پيءُ کان بہ عمر ۾ وڏا آهن.


يعني آءٌ اها ڏاهپ بيان ڪندس، جيڪا ڏاهن ماڻهن پنهنجن ابن ڏاڏن کان ٻڌي ٻين کي ٻڌائي آهي ۽ لڪائي ڪين اٿائون.


ڇا تون قديم زماني جي اها ڳالهہ نہ ٿو ڄاڻين، جڏهن کان ڌرتيءَ تي انسان کي آباد ڪيو ويو هو تہ


اي خدا! اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي، تہ تو سندن ڏينهن ۾ ڪيڏا نہ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا هئا.


جيئرا، هائو، جيئرا ئي تنهنجي واکاڻ ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان. هر پيڙهي پنهنجي ايندڙ پيڙهيءَ کي تنهنجي وفا جا ڪم بيان ڪري ٻڌائيندي.


ٻڌو، اي عمر رسيدؤ! بلڪ هن ملڪ يهوداہ جا سڀ رهاڪؤ! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. ڇا اوهان جي يا اوهان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪا ههڙي ڳالهہ ٿي آهي؟


جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي تعليم لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پاڪ ڪلام کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.


ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان آخري زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن.


اوهين ماضيءَ کي ياد ڪريو ۽ اڳين پيڙهين تي غور ڪريو، پوءِ پنهنجي والدين کان پڇو تہ هو اوهان کي سمجھائين، هائو، پنهنجي بزرگن کان پڇو، جيڪي اوهان کي ماضيءَ جو احوال ڏين.


”جڏهن کان خدا ڌرتيءَ تي انسان کي پيدا ڪيو تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪو زمانو اوهان کان اڳي گذريو آهي، تنهن بابت اوهين پڇا ڪريو. ڪائنات جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين معلوم ڪريو تہ هن عظيم ڪم جهڙو ڪو ٻيو ڪڏهن ٿيو، يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ