Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ايوب 8:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ايتري قدر جو جيتوڻيڪ شروعات ۾ تو وٽ ٿورو ڪجھہ هو، تہ بہ پڇاڙيءَ ۾ تو وٽ تمام گھڻو هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جيڪڏهن تنهنجي شروعات ننڍي هجي تہ بہ تنهنجي پڇاڙي نيٺ وڌي وڏي ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ايوب 8:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن ايوب پنهنجي دوستن لاءِ دعا گھري بس ڪئي تڏهن خداوند کيس ٻيهر خوشحال بڻايو. هن ايوب کي انهيءَ کان بہ ٻيڻو ڏنو جيڪي اڳ ڏنو هئائينس.


هو پستيءَ ۾ ڪري پيلن کي بلنديءَ تي پهچائي ٿو، ۽ غمگينن کي خوشحاليءَ سان سرفراز ڪري ٿو.


گھڙي پلڪ لاءِ اڳين زمانن جي ڏاهپ بابت غور ويچار ڪري ڏس، ۽ ڄاڻي وٺ تہ اسان جي ابن ڏاڏن ڪهڙيون حقيقتون سکيون.


صلاح مصلحت ۽ نصيحت تي ڌيان ڏيڻ سان، ماڻهو ڏاهو بڻجي وڃي ٿو.


بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.


اُنهيءَ وقت لڳاتار روشني هوندي ۽ رات ڏينهن جو چڪر ختم ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ رات جي وقت بہ اها روشني ختم نہ ٿيندي. ان وقت بابت خدا ئي ڄاڻي ٿو.


هاڻي تہ ماڻهو هيڪل جي تعمير جي گھٽ رفتار ڏسي مايوس ٿا ٿين، پر جڏهن اهي زربابل جي تعمير جي جذبي کي ڏسندا تڏهن بيحد خوش ٿيندا. تڏهن ملائڪ شمعدان واري رويا جي ڳالهہ جاري رکندي چيو تہ ”شمعدان جا اهي ست ڏيئا خداوند جي ستن اکين مثل آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا کي ڏسن پيون.“


ڇاڪاڻ تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو هن وٽ آهي.


هن اوهان کي بيابان ۾ اها مَنَ کارائي، جنهن جي اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر بہ ڪانہ هئي. هن اوهان کي عاجز ڪري آزمايو، انهيءَ لاءِ تہ پڇاڙيءَ ۾ اوهان سان ڀلائي ڪري.


سو جيڪي ماڻهو اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح کي ڄاڻڻ جي ڪري دنيا جي بڇڙاين کان ڇڏائجي ويا آهن، سي جيڪڏهن وري انهن بڇڙاين جي غلبي ۾ اچي ڦاسي پون تہ انهن جي پوئين حالت اڳينءَ کان بہ وڌيڪ خراب ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ